Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi
وڃي ته تون ڊڄي ويندو آهين پر الله پاڪ جي ان نظر کان نه ٿو ڊڄين جيڪا هو توتي رکندو آهي تنهنجو هي عمل ان کان به وڏو گناھ آهي.[1]
کب گناہوں سے کَنارا میں کروں گا یاربّ!
نیک کب اے مِرے اللہ ! بنوں گا یا ربّ!
کب گناہوں کے مَرض سے میں شفا پاؤں گا
کب میں بیمار مدینے کا بنوں گا یاربّ!([2])
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڃان اسان زندھ آهيون، اڄ اسان وٽ وقت آهي، اسان توبھ ڪري گناھ بخشرائي سگهون ٿا، نيڪ ڪم ڪري قبر روشن ڪرڻ جو انتظام ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن هي ساھ جي مالا ٽُٽي وئي، روح جسم مان ڪڍيو ويو ته سواءِ پڇتائڻ جي ڪجھ هٿ نه ايندو. چون ٿا: ڪنهن مُردي کي خواب ۾ ڏٺو ويو ته ان چيو: مَاعِنْدَکُم اَکْثَرُ مِنَ الْغَفْلَۃِ وَ مَا عِنْدَنَا اَکْثَرُ مِنَ الْحَسْرَۃِ يعني توهان زندھ ماڻهو نهايت غفلت ۾ آهيو ۽ اسان جيڪي قبر ۾ لهي چڪاسين، اسان نهايت ئي حسرت ۾ آهيون.[3]
اي عاشقانِ رسول! هن کان پهريان جو هي حسرت ۽ شرمندگي جو وقت اسان تي اچي، اسان کي گهرجي ته قبر ۽ آخرت جي تياري ۾ مصروف ٿي وڃون. حضرت عبدُالله بن عِيزار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ماڻهو جا 2 گهر آهن. (1): هڪ اهو گهر جيڪو زمين جي مٿان آهي (2): ٻيو اهو گهر جيڪو زمين جي اندر آهي. ماڻهو زمين جي مٿان واري گهر کي سجائڻ سنوارڻ ۾ لڳل رهندو آهي، ان ۾