Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

سردي گرمي کان بچڻ جو انتظام ڪندو آهي پر ان فڪر ۾ زمين جي اندر واري گهر کي خراب ڪري ويهندو آهي، پوءِ ان وٽ اچڻ وارو اچي ويندو آهي (يعني ان جي موت جو وقت ٿي ويندو آهي)، ان کي چيو ويندو آهي: ٿورو ٻڌاءِ ته هي گهر جنهن کي تو تمام گهڻو سجايو سينگاريو، ان ۾ گهڻو عرصو رهندين؟ ٻانهو چوندو آهي: مان نه ٿو ڄاڻان...!! پوءِ چيو ويندو آهي: ۽ جنهن گهر کي تو خراب ڪري ڇڏيو (يعني قبر) ان ۾ ڪيترو عرصو رهڻو آهي، ٻانهو چوندو آهي: اهو ئي ته اصل ٺڪاڻو آهي. هاڻي چيو ويندو آهي: تون هن ڳالھ جو اقرار به ڪري رهيو آهين (پوءِ به تو قبر جي لاءِ ڪجھ ناهي ڪيو) ڇا تون عقلمند آهين...!![1]

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حقيقت اها ئي آهي، اسان هن دنيا ۾ ڪيترو عرصو آهيون، اسان کي خبر ناهي، جلد، تمام جلد اسان کي انڌيري قبر ۾ لاٿو ويندو، پوءِ اسان کي اتي قيامت تائين رهڻو آهي، عقلمند اهو ئي آهي جيڪو هن دنيا ۾ رهي ڪري قبر جي تياري ڪندو آهي، جيڪو هي ناهي ڪندو بلڪه دنيا جي رنگينن ۾ گُم رهندو آهي، اهو نهايت بدنصيب آهي، عنقريب ان کي سخت مشڪلات جو منهن ڏسڻو پوندو.

بے وفا دنیا پہ مت کر اِعتبار                                                                                تُو اچانک موت کا ہوگا شکار

موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ!                                                                      جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ!

گر جہاں میں سو برس تُوجی بھی لے                                                 قبر میں تنہا قِیامت تک رہے

جب فِرِشتہ موت کا چھا جائے گا                                                             پھر بچا کوئی نہ تجھ کو پائے گا

کر لے توبہ رب کی رحمت ہے بڑی                                      قبر میں ورنہ سزا ہوگی کڑی

قبر کي روشن ڪرڻ وارا ڪمَ

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان تي لازم آهي ته قبر کي روشن ڪرڻ وارا ڪم ڪيون


 

 



[1]..   اھوال القبور، الباب الثالث عشر فی ذکر کلمات...الخ،  صفحہ:244۔