Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

۽ قبر ۾ عذاب جو سبب بڻجڻ وارن ڪمن کان بچندا رهون. مثال طور * قبر کي روشن ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين شيءِ عقيدو آهي.  * الله پاڪ جي متعلق * ان جي رسولن جي متعلق * صحابه و اهلبيت جي متعلق * اولياءِ ڪرام جي متعلق اسان جو عقيدو بلڪل درست ۽ قرآن و سنّت جي مطابق هجڻ گهرجي * ان سان گڏوگڏ اسان نيڪ ڪم به ڪندا رهون * پنج ئي نمازون وقت تي، مسجد ۾ باجماعت ادا ڪرڻ جي عادت بڻايون * جيترا فرائض ۽ واجبات آهن، انهن تي عمل ڪيون * زڪوات فرض هجي ته ادا ڪيون * روزا رکون*  ماڻهن سان حسنِ سلوڪ سان پيش اچون * قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪثرت سان ڪريون * دُرودِ پاڪ جي ڪثرت ڪريون * ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪريون. ان کان علاوه به جيڪي نيڪ ڪمَ آهن، انهن ۾ دل لڳائي رکوناِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!عذابِ قبر کان نجات جو سامان ٿي ويندو.

صدقو قبر کي روشن ڪندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! قبر جي اونداهي کي روشني ۾ ۽ قبر جي وحشت کي اطمينان ۽ سڪون ۾ بدلائڻ جي لاءِ هڪ نيڪ عمل الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪرڻ به آهي، فرمانِ مصطفٰي آهي: اِنَّ الصَّدَقَۃَ لَتُطْفِئُ عَلٰی اَہْلِہَا حَرَّ الْقُبُوْرِ يعني بيشڪ صدقو ڪرڻ وارن کي صدقو قبر جي گرمي کان بچائيندو آهي وَاِنَّمَا یَسْتَظِلُّ الْمُؤْمِنُ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ فِیْ ظِلِّ صَدَقَتِہٖ  ۽ بنا شڪ جي مسلمان قيامت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو.[1]

لهٰذا صدقو ڏيڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي. صدقو ڏيڻ جا کوڙ فضائل آهن:  * صدقو برائين جا 70 دروازا بند ڪندو آهي * صدقو ڏيڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي


 

 



[1]... شُعَبُ الايمان،باب فی الزکاۃ، فصل التحریض ...الخ، جلد:3 ،صفحہ:212، حديث:3347۔