Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

ڪيڙن ماڪوڙن جو گهر آهيان. جڏهن مومن کي قبر ۾ دفنايو ويندو آهي ته قبر ان کي چوندي آهي: ڀليڪار تون منهنجي پُٺيءَ تي هلڻ وارن مان مون کي محبوب ترين هئين ۽ هاڻي تون منهنجي اندر اچي ويو آهين، هاڻي تون منهنجو حُسنِ سلوڪ ڏس، پوءِ قبر ان جي لاءِ حدِ نگاھ تائين ڪشاده ٿي ويندي آهي ۽ ان جي لاءِ جنّت جو دروازو کوليو ويندو آهي ۽ جڏهن ڪو گنھگار  يا ڪافر شخص دفن ڪيو ويندو آهي ته قبر چوندي آهي: توکي ڪا ڀليڪار ناهي، تون منهنجي پُٺيءَ تي هلڻ وارن مان منهنجي ويجهو بدترين شخص هئين ۽ هاڻي تون منهنجي اندر اچي ويو آهين لهٰذا هاڻي پاڻ سان منهنجو ورتاءُ ڏس پوءِ قبر ان تي پنهنجو گهيرو سوڙهو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ان جون پاسراٽيون هڪٻئي ۾ ملي وينديون آهن. وڌيڪ فرمايائون: الله پاڪ ان تي 70 وڏا نانگَ مقرر فرمائي ڇڏيندو آهي جيڪڏهن انهن مان هڪ به زمين تي ڦونگاري(يعني ڦوڪ هڻي) ته دنيا جي فنا ٿيڻ تائين زمين تي ڪجھ نه ڦُٽي، اهي نانگَ ان مُردي کي قيامت تائين ڏنگيندا رهندا. راوي چون ٿا: پاڻ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِنَّمَا الْقَبْرُ رَوْضَةٌ مِّنْ رِيَاضِ الْجَنَّةِ اَوْحُفْرَةٌ مِّنْ حُفَرِ النَّار يعني قبر جنّت جي باغن مان هڪ باغ آهي يا جهنّم جي کڏن مان هڪ کَڏو.[1]

گناہگار ہوں میں لائقِ جہنَّم ہوں                                                              کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یاربّ !

بُرائیوں پہ پَشَیماں ہوں رَحم فرمادے                               ہے تیرے قَہر پہ حاوی تری عطا یاربّ!

گناہ بے عدد اور جُرم بھی ہیں لاتعداد                                        مُعاف کردے نہ سہ پاؤں گا  سزا یاربّ!

میں کر کے توبہ پلٹ کر گناہ کرتا ہوں                                   حقیقی توبہ کا کر دے شَرَف عطا یاربّ! ([2])

لڪي ڪري گناھ ڪرڻ جو عذاب

   حضرت عبدُ الله بن زيد رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مان چنڊ جي ابتدائي راتين ۾


 

 



[1]...   ترمذی ،  کتاب صفۃ القیامۃ، صفحہ:584، حدیث:2460 ۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:78 ملتقطاً ۔