Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

ٻانهي کي منهنجي جنّت ۾ وٺي وڃو! (يعني هن جي قبر کي جنّت جو باغ بڻائي ڇڏيو!)[1]

ذات والا پہ بار بار درود                                                                                                       بار بار اور بے شمار درود

بے عدد اور بے عدد تسلیم                                                                                      بے شمار اور بے شمار درود

قبر میں خوب کام آتی ہے                                                                                        بیکسوں کی ہے یارِ غار درود([2])

ڪثرتِ دُرود جي هڪ برڪت

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي پياري ڳالھ آهي، قبر جي حساب کان، قبر جي عذاب کان، مُنڪر نڪير جي سوالن کان نجات ماڻڻ جو بهترين وظيفو آهي: دُرودِ پاڪ جي ڪثرت ڪريو! الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. خواجه ضياءُ الدِّين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: جيڪو ٻانهو نيڪ نمازي هجي ۽ ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهندو هجي، جڏهن اهو مري قبر ۾ لهندو آهي ته مُنڪر نڪير (يعني قبر ۾ سوال پڇڻ وارا ملائڪَ) ان کان معمولي حساب وٺندا آهن، پوءِ ان جي قبر کي حدِ نگاھ تائين وسيع ڪيو ويندو آهي، قبر نور سان جڳمڳائڻ لڳندي آهي، پوءِ ايتري ۾ ان جي جنّتي گهرواري قبر ۾ پهچي ويندي آهي، ان جي ڳچيءَ ۾ موتين جو هارُ هوندو آهي، جيئن ئي اهو ٻانهو ان هار جي طرف اشارو ڪندو آهي ته هار ٽُٽي ڪري ڪِري پوندو آهي، ان جي جنّتي گهرَواري چوندي آهي: پريشاني جي ڳالھ ناهي، اسان هنن موتين کي ميڙي ٿا وٺون. اهي ٻئي ملي ڪري موتين کي ميڙڻ شروع ڪندا آهن. بَس اهي سڀئي موتي ميڙي به نه سگهندا ته قيامت قائم ٿي ويندي.[3]

   سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو دُرودِ پاڪ جي برڪت سان قبر جي تنگي کان به نجات ملندي آهي، اتان جي وحشت ۽ اڪيلائي به دور ٿي ويندي آهي ۽ قبر جو ڪيئي


 

 



[1]...القول البدیع، الباب الثانی فی ثواب الصلاۃ علی رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم،صفحہ:124۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:123-125 ملتقطًا۔

[3]...برکاتِ درود، ص:17۔