Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

ساهرَن ۾ تڪبر کان بچو!

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٿورو غور ڪيون! هي ڪيڏو سخت عذاب هو، هڪ چَنبو ايڏو زوردار هو جو لاش ڳَري ڪَري وَهي ويو، ان کي وري پهرين حالت تي ڪيو ويو، وري چنبو هنيو ويو. ياد رکو! قبر جو عذاب برحق آهي، الله پاڪ اسان کي قبر جي عذاب کان بچائي.(آمين) اسان پنهنجي باري ۾ سوچون، الله نه ڪري! جيڪڏهن اسان کي اهڙي مار ڏني وڃي ته ڇا اسان برداشت ڪري سگهنداسين؟ هرگز نه، ڪيڏي سخت تڪليف ڏيڻ واري ڳالھ هوندي...!! هي عذاب ڪنهن کي ڏنو پئي ويو؟ اهو ٻانهو ساهرَن ۾ ويندي تڪبر ڪندو هو.

    الله پاڪ اسان کي هن بُرائي کان بچائي رکي، تڪبر نهايت سخت گناھ آهي، حرام آهي،[1] جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ڪجھ ماڻهن جي عادت هوندي آهي، جڏهن ساهرن ۾ ويندا آهن * ته انهن جو انداز ئي الگ هوندو آهي * اجايو نخرا ڏيکاريندا آهن * کاڌي * پيتي وغيره جي معاملن ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن * پنهنجي لاءِ خصوصي انتظامات جو مطالبو ڪندا آهن، هيءَ سُٺي ڳالھ ناهي ۽ جيڪڏهن اهڙو ورتاءَ تڪبر جي نيّت سان هجي پوءِ ته گناھ  جو دروازو به کُلي سگهي ٿو. ان ڪري اسان کي گهرجي ته  *  ساهرا هجن يا پنهنجو گهر* دڪان هجي يا آفس * پاڙو هجي يا بازار مطلب ته اسان ڪٿي به هجون، تڪبر کان بچون، صرف ۽ صرف عاجزي ئي اختيار ڪيون عاجزي اختيار ڪرڻ سان اسان کي بُلندي ئي ملندي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي ڪندو آهي الله پاڪ ان کي بُلندي عطا فرمائيندو آهي.[2] ان جي خلاف قيامت واري ڏينهن الله پاڪ تڪبر ڪرڻ وارن کي ذليل ۽ رسوا ڪري ڇڏيندو.


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ، جلد:23، صفحہ:614۔

[2]... مسلم، کتاب البر والصلۃ والآداب، باب استحباب العفو والتواضع، صفحہ:1002، حدیث:2588۔