Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

هي غيبت ڪرڻ، عيب ڪڍڻ وارا آهن.[1]

حرام ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو عذاب

 حضرت ابو اُمامه رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته هڪ ڏينهن فجر جي نماز کان پوءِ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: مون هڪ خواب ڏٺو آهي ۽ اهو حق آهي تنهنڪري ان کي سٺي طرح سمجهو. هڪ اچڻ وارو آيو ۽ منهنجو هٿ پڪڙي ڪري هڪ وڏي جبل ڏي وٺي ويو ۽ چيائين: هن تي چڙهو. سو مان ۽ اهو جبل تي چڙهياسين * پوءِ اسان اڳتي هلياسين ته ڪجھ مرد ۽ عورتون نظر آيون جن جون واڇون چيريل هيون، منهنجي پڇڻ تي ان ٻڌايو: هي اهي ماڻهو آهن جو اهڙي ڳالھ چوندا هئا جنهن تي پاڻ عمل نه ڪندا هئا * اسان اڃان اڳتي هلياسين ته اهڙن مردن ۽ عورتن کي ڏٺو جن جي اکين ۽ ڪنن ۾ ڪوڪا ٺوڪيل هئا، منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته انهن جون اکيون اهو ڪجھ ڏسنديون هيون جيڪو نه ڏسڻ گهرجي ۽ ڪن اهو ٻڌندا هئا جيڪو نه ٻڌڻ گهرجي. * پوءِ ڪجھ اڳتي هلياسين ته اهڙيون عورتون ڏٺيون جن کي ڀيڏين جي هڏين سان ٻڌي ڪري اونڌو لٽڪايو ويو هو ۽ نانگ انهن جي سينن کي ڏنگي رهيا هئا، ٻڌايو ويو ته هي عورتون پنهنجي ٻارن کي کيرُ نه پيارينديون هيون. ڪجھ اڃان اڳتي هلياسين ته مردن ۽ عورتن کي اونڌو لٽڪيل ڏٺو جيڪي گرم پاڻي چَٽي رهيا هئا، منهنجي پڇڻ تي گڏ واري ٻڌايو ته هي روزا رکي ڪري وقت کان پهريان ئي افطار ڪري وٺندا هئا. *  پوءِ اڳتي وڌياسين ته اهڙا مرد ۽ عورتون نظر آيون جيڪي نهايت ئي بدصورت، گندو لباس پهريل ۽ بدبودار هيون. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته هي زاني مرد ۽ زاني عورتون آهن. *  پوءِ تمام گهڻو سُڳل ۽ نهايت بدبودار مردن وٽان گذر ٿيو، پڇيو: هي ڪير آهن؟ ٻڌايو ويو: هي ڪافر مرده آهن.[2]


 

 



[1]..   .دلائل النبوة ،  باب الدلیل علی ان النبی عرج بہ الاسماء   ...الخ ،جلد:2، صفحہ:390-393ملتقطًا ۔

[2]..   . معجم کبیر، جلد:4، صفحہ:285، حدیث:7563 ۔