Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

رُڪجي وڃون پر اڪيلائي ۾ اها گناھن جي بازار گرم ٿيندي آهي جو
 اَلْاَمَان وَالْحَفِیظ...!!

گناھ آخر گناھ ئي آهي

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! گناھ جيتوڻيڪ لِڪي ڪري ڪيو وڃي يا ماڻهن جي سامهون ڪيو وڃي، گناھ آخر گناھ ئي آهي. ۽ الله پاڪ پنهنجي نافرماني ڪرڻ وارن ٻانهن تي سخت غضب فرمائيندو آهي. غور فرمايو: هي اهي ماڻهو هئا جيڪي ظاهري طور تي ته نيڪ هئا پر لڪي ڪري گناھ ڪندا هئا ۽ هڪ اسان آهيون جو علي الاعلان گناھ ڪندا وتون ٿا ۽ ٿورو به ناهيون شرمائيندا، اسان جو ڇا ٿيندو؟ هاءِ! ٿورو سوچيو ته سهي! جيڪڏهن ائين گناھ ڪندي قبر ۾ لهي وياسين ۽ اسان تي عذاب مسلط ڪيو ويو ته اسان ڇا ڪنداسين؟ جيڪڏهن نانگ وڇُن ڪفن ڦاڙي ڪري اسان جي جسم تي قبضو ڪري ورتو ته ڪيڏانهن وينداسين؟ قبر جون ديوارون ملڻ سان اسان جون پاسراٽيون ٽُٽي ڪري هڪٻئي ۾ ملي ويون ته ڪيتري سخت تڪليف ٿيندي؟ هڪ پٿر جي چوٽ ته برداشت ٿئي نه ٿي جيڪڏهن ملائڪن هٿوڙا هڻڻ شروع ڪيا ته انهن نازڪ هڏين جو ڇا ٿيندو؟

  صحابيءِ رسول حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اي گناھگار! تون گناھ جي بُري انجام کان ڇو بي خوف آهين؟ حالانڪه گناھ جي طلب ۾ رهڻ گناھ ڪرڻ کان به وڏو گناھ آهي * تنهنجو ساڄي، کاٻي پاسي جي ملائڪن کان حيا نه ڪرڻ ۽ گناھ تي قائم رهڻ به تمام وڏو گناھ آهي يعني توبھ ڪرڻ بنا تنهنجو گناھ تي قائم رهڻ ان کان به وڏو گناھ آهي، * تنهنجو گناھ ڪري وٺڻ تي خوش ٿيڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ ان کان به وڏو گناھ آهي حالانڪه تون نه ٿو ڄاڻين ته الله پاڪ تو سان ڪهڙو سلوڪ فرمائڻ وارو آهي؟ * ۽ تنهنجو گناھ ۾ ناڪامي تي غمگين ٿيڻ ان کان به وڏو گناھ آهي. گناھ ڪندي تيز هوا سان دروازي جو پردو هٽي