Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

وَ مَنۡ اَعۡرَضَ عَنۡ ذِکۡرِیۡ فَاِنَّ لَہٗ مَعِیۡشَۃً ضَنۡکًا

 ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جنهن منهنجي ياد کان منهن ڦيريو پوءِ بيشڪ ان جي لاءِ تنگ زندگي آهي (سيپارو: 16، طٰه: 124)

   صحابيءِ رسول حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هن آيتِ ڪريمه ۾ تنگ زندگي مان مُراد قبر جو عذاب آهي[1] يعني * جيڪو هن دنيا ۾ گنھگار آهي * جيڪو الله پاڪ جي ذڪر کان * قرآن و سنّت کان *  نيڪ ڪمن کان* نماز روزن کان منهن موڙيندو آهي ان جي لاءِ قبر ۾ تنگ زندگي هوندي.

ست مُنڍين وارا خوفناڪ نانگَ

   صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن نبين جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي آيتِ ڪريمه پڙهي:

وَ مَنْ اَعْرَضَ عَنْ ذِکْرِیْ فَاِنَّ لَہٗ مَعِیْشَۃً ضَنْکًا

 ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جنهن منهنجي ياد کان منهن ڦيريو پوءِ بيشڪ ان جي لاءِ تنگ زندگي آهي (سيپارو: 16، طٰه: 124)

   پوءِ فرمايائون: ڇا توهان ڄاڻيو ٿا تنگ زندگي ڇا آهي؟ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم عرض ڪيو: اللہُ وَ رَسُولُہٗ اَعْلَم الله پاڪ ۽ ان جا پيارا رسول (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ئي بهتر ڄاڻين ٿا. فرمايائون: هن مان مراد قبر جو عذاب آهي، جيڪو ڪافرن کي ڏنو ويندو. ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! قبر ۾ غير مُسلمن تي 99 تَنِيۡن مسلط ڪيا ويندا. ڇا توهان ڄاڻيو ٿا تَنِيۡن ڇا آهي؟ هي 99 نانگَ هوندا،


 

 



[1]...  تفسیر بغوی، پارہ:16،سورۂ  طٰہ، زیر ِآیت:124، جلد:3، صفحہ:145۔