Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو * صدقو قبر جي گرمي کان بچائيندو آهي * صدقو گناھن کي ائين مِٽائي ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي باھ کي وِسائي ڇڏيندو آهي * صدقو آفتن، بلائن کي روڪيندو آهي * صدقو عمر کي وڌائيندو آهي * صدقو بُري موت ۽ بُري خاتمي کان بچائيندو آهي * صدقو الله پاڪ جي غضب کي وسائيندو آهي * صدقو رزق ۾ وسعت ۽ مال جي ڪثرت جو باعث بڻجندو آهي * صدقو غربت ۽ ناداري کي ختم ڪندو آهي.[1] مطلب ته! صدقو ڪيئي ڀلائين جا دروازا کوليندو آهي ۽ ڪيئي بُرائين جا دروازا بند ڪندو آهي. لهٰذا اسان کي خوب صدقو ۽ خيرات ڏئي ڪري پنهنجي قبر ۽ آخرت جي بهتري جو سامان ڪرڻ گهرجي.

عطيات جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ ديني خدمتون انجام ڏئي رهي آهي* دعوتِ اسلامي هينئر تائين هزارين مسجدون، سوين فيضانِ مدينه (مدني مراڪز) بڻائي چڪي آهي * ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين (Boys & Girls) کي الڳ الڳ تعليمِ قرآن ڏيڻ جي لاءِ هينئر تائين تقريباً 12 هزار 699 مدرسةُ المدينه (بوائز، گرلز) قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 3 لک، 73 هزار، 729 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآنِ ڪريم حفظ ۽ ناظران جي مفت تعليم ڏني پئي وڃي (نوٽ هن رپورٽ ۾ مدرسةُ المدينه شارٽ ٽائيم بوائز، گرلز به شامل آهن.)  * فروغِ علمِ دين (عالمِ و عالمه ڪورس ڪرائڻ) جي لاءِ الڳ الڳ جامعة المدينه قائم آهن. هينئر تائين تقريباً 1500 جامعة المدينه (Boys & Girls) قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 1 لک، 24 هزار،7 طالب ۽ طالبات کي درس نظامي (عالم ۽ عالمه ڪورس،


 

 



[1] صدقے کا انعام،صفحہ:17تا 19 ملتقطًا۔