Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

جي تڪليف ۾ گهٽتائي به نه ٿي هوندي ته اوچتو قبر جون ديوارون لڏڻ لڳنديون، 2 ملائڪ قبر جي ديوارن کي چيريندي قبر ۾ اچي ويندا ۽ سخت لهجي ۾ اسان کان سوال ڪندا، افسوس! جيڪڏهن اسان انهن سوالن جا صحيح جواب نه ڏئي سگهياسين، هاءِ! افسوس! جيڪڏهن اسان قبر جي امتحان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهياسين ته اسان جي قبر ۾ جهنّم جي باھ ڀڙڪائي ويندي، عذاب مُسلط ڪيو ويندو، هاءِ! اسان جو ڇا بڻبو؟ ڪيڏانهن وينداسين؟ ڪنهن کي مدد جي لاءِ پڪارينداسين؟

قبر جي عذابن جا هولناڪ مناظر

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قبر جو معاملو نهايت ڏکيو آهي، خوشنصيب آهي اهو جيڪو قبر ۾ پُر سڪون رهيو ۽ جنهن جي قبر ۾ پڪڙ ٿي وئي، اهو تمام گهڻي نقصان ۾ آهي. عالمِ برزخ ۾ گنهگارن کي ڪيتري قدر سخت عذابَ ٿيندا آهن، اچو! عبرت جي لاءِ ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا:

گناھن جي عذابن جو نقشو

 مسلمانن جا چوٿان خليفه اميرُ المؤمنين حضرت عليُ المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه بيان ڪن ٿا ته حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڏينهن نمازِ فجر پڙهائي ڪري اسان جي طرف متوجھ ٿيا ۽ ارشاد فرمايائون: رات مون وٽ 2 ملائڪ حاضر ٿيا ۽ مون کي آسمانِ دنيا ڏانهن وٺي ويا * مون هڪ ملائڪ ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ وڏو پٿر هو ۽ ان جي سامهون هڪ ماڻهو هو ملائڪ پٿر ان جي مٿي تي هڻي رهيو هو جنهن سان دماغ نڪري ڪري هڪ پاسي وهي ويندو هو ۽ پٿر ٻي پاسي تِرڪي ويندو هو، مون پڇيو: هي ڪير آهي؟ ملائڪن چيو: اڳتي تشريف وٺي هلو.  * اڳتي به هڪ ملائڪ کي ڏٺو جيڪو پنهنجي سامهون ويٺل ماڻهوءَ جي ڪڏهن ساڄي ۽ ڪڏهن کاٻي ڄاڙي کي لوهي شِيخَ سان چيريندي ڪن تائين آڻي رهيو هو، مون چيو: هي ڪير آهي؟ ملائڪ چيو: اڳتي تشريف وٺي هلو.