Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

حديثِ پاڪ ۾ آهي: قيامت جي ڏينهن تڪبر ڪرڻ وارن کي انساني شڪلن ۾ ڪِيولِن جيان اٿاريو ويندو، هر طرف کان انهن تي ذلت طاري هوندي، انهن کي جهنّم ۾ بُولَس نالي قيد خاني جي طرف هَڪليو ويندو ۽ تمام وڏي باھ انهن کي پنهنجي پڪڙ ۾ وٺي ڪري انهن تي غالب اچي ويندي، انهن کي طِیْنَۃُ الْخَبَال يعني جهنّمين جي پونءِ پياري ويندي.[1]

خُوب انساں کو کرتی ہے رُسْوا                                                                        جب زباں بےلگام ہوتی ہے

گر تکبّر ہو دِل ذرّہ بھر                                                                                                                    سُن لو جنّت حرام ہوتی ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هن دنيا ۾ اچي وياسين، هاڻي اسان کي مرڻو ئي پوندو، قبر ۾ لهڻو ئي پوندو ۽ پنهنجي ڪرڻ جو بدلو ڀوڳڻو ئي پوندو. اسان چاهي هزارين ڪوششون ڪيون، جيترو مرضي ڀَڄون، اسان پنهنجي عملن کان ڇوٽڪارو نٿا حاصل ڪري سگهون، اسان کي پنهنجي ڪرڻ جي نتيجن جو سامنو ضرور ڪرڻو پوندو. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

کُلُّ نَفۡسٍۭ بِمَا کَسَبَتۡ رَہِیۡنَۃٌ (۳۸)

 ترجمو ڪنزالعرفان: هر ساھ پنهنجي ڪيل عملن ۾ گِروي آهي.

 (سيپارو 29، سورةُ المدثر: 38)

   معلوم ٿيو هر شخص پنهنجي عملن جي عيوض گِروي آهي، جيڪو به هن دنيا


 

 



[1]...ترمذی، کتاب صفۃ القیامۃ والرقائق والورع، صفحہ:590، حديث:2492۔