Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

جي ڪري الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ نه ڪري رهيا آهيو حالانڪه آسمانن ۽ زمين سڀني جو مالڪ الله پاڪ ئي آهي اهو ئي هميشه رهڻ وارو آهي جڏهن توهان هلاڪ ٿي ويندؤ ۽ توهان جا مالَ انهيءَ جي ملڪِيت ۾ رهجي ويندا ۽ توهان کي خرچ نه ڪرڻ جي صورت ۾ ثواب به نه ملندو، توهان جي لاءِ بهتر هي آهي ته توهان پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪري ڇڏيو ته جيئن ان جي بدلي ثواب ته ماڻي سگهو.[1]

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

رمضان جي روزن جا فضائل

   اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! وري آمدِ رمضان آهي، نيڪين جي موسمِ بهار اچڻ واري آهي. اچو! ترغيب جي لاءِ رمضانُ المبارڪ جي روزن ۽ اعتڪاف جا ڪجھ فضائل ٻڌون ٿا: مختلف روايتن جي مطابق * روزيدار جو سمهڻ عبادت آهي * روزيدار جي دعا ۽ عمل قبول ٿيندو آهي * روزيدار جي لاءِ ملائڪَ سج لهڻ تائين مغفرت جي دعا ڪندا رهندا آهن * روزيدارن جي لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن * روزيدار کي الله پاڪ جنّتي ميوا کارائيندو * روزيدار کي الله پاڪ جنّتي شراب مان سيراب ڪندو * روزيدار جي لاءِ قيامت جي ڏينهن سون جو دسترخوان لڳايو ويندو * روزيدار جو روزو ان جي گذشته گناھن جو


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان، پارہ:27، سورۂ حدید، زیرِ آیت:10، جلد:9، صفحہ:721۔