Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

سوراخ ناهي، تڏهن به اهو نانگ اندر ڪيئن هليو ويو....!! بهرحال!) بادشاھ جي پٽن ان نانگ کي ٻاهر ڪڍي ڪري ماري ڇڏيو، صندوق کي ٻيهر بند ڪيو ۽ پهرين وانگر ڪمري ۾ لٽڪائي ڇڏيو.

   هيءَ رات ته جيئن تيئن گذري وئي، اڳئين رات جو وري ڪمري مان آواز اچڻ لڳا، پٽن وري ڪمرو کوليو، ڏٺائون ته صندوق لُڏي رهي آهي، تنهنڪري صندوق لاٿي وئي، هاڻي کولي ڏٺائون ته پهريان واري نانگ کان به وڏو نانگ بادشاھ جي سيني تي ويٺو هو، وڏي حيراني ٿي، انهن وري ان نانگ کي ٻاهر ڪڍيو ۽ ماري ڇڏيو، صندوق وري بند ڪري لٽڪائي وئي.

  هيءَ ٻي رات به جيئن تيئن ڪري گذري وئي. ٽئين رات ٿي، ڪمري مان وري آواز اچڻ شروع ٿيا، پٽن دروازو کوليو، صندوق هيٺ لاهي ڪري کولي ڏٺائون ته (خوف سبب انهن جا هوش اڏري ويا جو) لوھي صندوق آهي، ان جي اندر هڪ تابوت آهي، ٻاهران صندوق بلڪل صحيح سلامت آهي پر ان تابوت جي اندر خوفناڪ باھ ڀڙڪي رهي آهي. هي خوفناڪ منظر ڏسي ڪري اهي سمجهي ويا ته قبر جي عذاب کان هرگز ڇوٽڪارو ناهي، تنهنڪري انهن بادشاھ جي لاش کي باقاعده قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو.[1]

بحرِ غفلت یہ تیری ہستی نہیں                                                                                        دیکھ جنّت اس قدر سستی نہیں

راہ گزر دنیا ہے یہ بستی نہیں                                                                                               جائے عیش و عشرت و مستی نہیں

ایک دن مرنا ہے ،آخر موت ہے

کر لے جو کرنا ہے ،آخر موت ہے

ہو رہی ہے عمر مثلِ برف کم                                                                                            چپکے چپکے، رفتہ رفتہ، دم بدم


 

 



[1]...سلوۃ العارفین،جلد: 2، صفحہ: 231۔