Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

قبرستان وٽان گذريس ته مون هڪ شخص کي قبر مان نڪرندي ڏٺو اهو زنجير ڇڪي رهيو هو پوءِ مون ڏٺو ته هڪ ٻيو شخص ان زنجير کي پڪڙي بيٺو آهي ان ٻئين ٻاهر نڪرڻ واري شخص کي پنهنجي طرف ڇڪيو ۽ ان کي قبر ۾ موٽائي ڇڏيو، پوءِ مون ان کي هڪ مُردي کي ماريندي ڏٺو ۽ مُردو چئي رهيو هو: ڇا مان نماز نه پڙهندو هيس؟ ڇا مان جنابت کان غسل نه ڪندو هيس؟ ڇا مان روزا نه رکندو هيس؟ ته ان مارڻ واري جواب ڏنو: ها! ڇو نه (تون واقعي هي ڪم ته ڪندو هُئين) پر تون جڏهن اڪيلائي ۾ گناھ ڪندو هُئين ته ان وقت الله پاڪ کان نه ڊڄندو هُئين.[1]

   اهڙيءَ طرح جو هڪ ٻيو واقعو حضرت ابراهيم تيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به بيان ڪيو آهي، پاڻ فرمائن ٿا: مان موت ۽ (مرڻ کان بعد هڏين جي) ڳَرڻ کي ياد ڪرڻ جي لاءِ ڪثرت سان قبرستان ۾ ايندو ويندو هيس، هڪ رات مان سمهي پيس ته مون خواب ۾ هڪ کُليل قبر ڏٺي ۽ هڪ ٻئي چوڻ واري کي هي چوندي ٻڌو: هي زنجير پڪڙ ۽ هن جي وات ۾ داخل ڪري هن جي شرم گاھ مان ڪڍ! ته اهو مُردو چوڻ لڳو: اي الله پاڪ! ڇا مان قرآن نه پڙهندو هيس؟ ڇا مان تنهنجي حرم واري گهر جو حج نه ڪندو هيس؟ پوءِ اهو اهڙيءَ طرح هڪ هڪ نيڪي ڳڻائڻ لڳو ته مون هڪ چوڻ واري کي هي چوندي ٻڌو: ته تون ماڻهن جي سامهون هي اعمال ڪندو هئين پر جڏهن تون اڪيلائي ۾ هوندو هئين ته نافرمانين جي ذريعي مون سان اعلانِ جنگ ڪندو ۽ مون کان نه ڊڄندو هُئين.[2]

  الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! تصور ڪيو! ڪير آهي جيڪو اهڙو نهايت خطرناڪ عذاب برداشت ڪري سگهي ٿو....!! يقيناً اسان مان ڪنهن ۾ به ان جي همّت نه هوندي پر افسوس! اسان ڊڄون نه ٿا، غفلت ۾ پوندا آهيون، سُستي ڪندا آهيون، ماڻهن کان شرمائي ڪري جيتوڻيڪ گناھ ڇڏي ڏيون، بُرو ڪم ڪرڻ کان


 

 



[1]..   . الزواجر،مقدمہ،  جلد:1، صفحہ:30۔

[2]..   . الزواجر، مقدمہ، جلد:1، صفحہ:30۔