Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

مفت ڪرايو پيو وڃي. هن وقت تائين تقريباً 31 هزار، 211 عالم ۽ عالمه ڪورس مڪمل ڪري چڪا آهن. شرعي رهنمائي جي لاءِ  دنيا ڀر ۾ 17 دارُ الافتاء اهلِ سنّت قائم ٿي چڪا آهن، جتي مفتيانِ ڪرام اُمَّت جي شرعي رهنمائي ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن انهن ۾ سالانه اوسطاً تقريباً 1 لک 70 هزار سوالن جا مختلف انداز ۾ (مثال طور آمهون سامهون، فون ذريعي، واٽس ايپ، اي ميل وغيره) جواب ڏنا ويندا آهن. ۽ * المدينة العلميه (Islamic Research Canter) ۾ مختلف موضوعن تي 932 ديني ڪتابَ ڇپجي چڪا آهن ۽ هي سلسلو اڃان جاري آهي. الحمد لله! هن وقت مدني چينل 3 ٻولين اردو، انگلش ۽ بنگله ۾ هلي رهيو آهي. ويب چينل عربي چينل (Arabic Channel)     آهي. مختلف مُلڪن جي مقامي ٻولي(Local Language) ۾ شارٽ ڪلپس ڊبنگ (Dubbing) ڪري هلايا ويندا آهن. ٻارن جي لاءِ ڪِڊز مدني چينل (Kids Madani Channel ) جي ذريعي ديني تربيت جي ڪوشش ڪئي وڃي رهي آهي.

اوهان به دين جي خدمت جي هن ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو! پنھنجا عطيات دعوت اسلامي کي ڏيو، اوهان جو چندو ڪنهن به جائز، ديني، اصلاحي، فلاحي ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ خرچ ڪيو ويندو آهي.

 الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ مَا  لَکُمْ   اَلَّا تُنْفِقُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰہِ وَ لِلّٰہِ مِیْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ ؕ

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ توهان کي ڇا (ٿيو) آهي جو توهان الله جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪريو حالانڪه آسمانن ۽ زمين سڀ جو وارث الله ئي آهي.

 (سيپارو: 27، سورة حديد: آيت: 10)

   هن آيت جي  حوالي سان تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: توهان ڪهڙي سبب