Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

آهي، تنهنڪري بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي قبرستان وڃڻ جا آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. اچو! پهريان فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا: ابنِ ماجه جي حديث آهي: الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: کنْتُ نَهَيْتُكُمْ عَنْ زِيَارَةِ الْقُبُورِ، فَزُورُوهَا  فَإِنَّهَا تُزَهِّدُ فِي الدُّنْيَا ، وَتُذَكِّرُ الآخِرَةَ. يعني مون توهان کي قبرن جي زيارت کان منع ڪيو هو هاڻي قبرن جي زيارت ڪندا ڪريو جو بيشڪ قبرون ڏسڻ دنيا کان بي رغبت ڪندو ۽ آخرت جي ياد ڏياريندو آهي.[1]

  اي عاشقانِ رسول! *  قُبورِ مُسلمين (يعني مسلمانن جي قبرن) جي زيارت سنّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي ۽ ولين سڳورن ۽ شهيدن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي قبرن جي حاضري سعادت ئي سعادت ۽ انهن کي ايصالِ ثواب مَنۡدوب (يعني پسنديده) ۽ ثواب آهي[2] قبرستان ۾ هن طرح بيهو جو قبلي ڏانهن پٺي ۽ قبر وارن جي چهرن ڏانهن منهن هجي، ان کان بعد حديثِ پاڪ ۾ بيان ڪيل طريقي مطابق هيئن سلام ڪيو: اَلسَّلامُ عَلَیْکُمْ یَا اَھْلَ الْقُبُوْرِ یَغْفِرُ اللہُ لَنَا وَلَکُمْ اَنْتُمْ سَلَفُنَا وَنَحْنُ بِالْاَثَر  يعني اي قبر وارؤ! توهان تي سلام هجي، الله پاڪ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرمائي، توهان اسان کان پهريان اچي ويا ۽ اسان توهان کان بعد اچڻ وارا آهيون. [3] قبرستان ۾ داخل ٿي ڪري هي دعا پڙهي وڃي: اَللّٰھُمَّ رَبَّ الْاَجْسَادِ الْبَالِیَۃِ وَالْعِظَامِ النَّخِرَۃِ الَّتِیْ خَرَجَتْ مِنَ الدُّنْیَا وَھِیَ بِکَ مُؤْمِنَۃٌ اَدْخِلْ عَلَیْھَا رَوْحًا مِّنْ عِنْدِکَ وَسَلامًا مِّنِّی (ترجمو: اي الله! اي ڳري وڃڻ واري جسمن ۽ سڙيل هڏين جا ربّ! جيڪي دنيا مان ايمان جي حالت ۾ ويا تون انهن تي پنهنجي رحمت فرماءِ ۽


 

 



[1]...ابن ماجہ ،کتاب جنائز ،  باب ماجاء فی زیارۃ القبور،   صفحہ: 252، حدیث:1571۔

[2]...فتاوٰی رضویہ ،جلد: 9، صفحہ: 532۔

[3]...تِرمِذی، کتاب :جنائز،  صفحہ: 275حدیث 1053۔