Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
ڪلام الله پاڪ جو ڪتاب، قرآن ڪريم آهي ۽ سڀني کان بهترين هدايت حضرت محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هدايت آهي. ([1])
ان ڪري هر مسلمان کي گهرجي ته پنهنجي معاملن جي بنياد قرآن ۽ سنت تي رکي. اڄڪلهه هي وڏو مسئلو ٿي ويو آهي ته اسان وٽ ماڻهو پنهنجي ڪمن جي بنياد رسم ۽ رواج تي رکندا آهن، گهٽ ئي ماڻهو آهن جيڪي ڪو به ڪم ڪرڻ کان پهريان شرعي راهنمائي وٺندا آهن، نه ته صرف اهو ڏٺو ويندو آهي ته رسم ۽ رواج ڇا آهن؟ مان هي ڪم ڪندس ته ماڻهو ڇا چوندا، نه ڪندس ته ماڻهو ڇا چوندا. بلڪ سچ چوان ته هاڻي هي ڳالهه به پراڻي ٿي چڪي آهي. ماڻهن جي طعنن کان ڊڄڻ، ماڻهن کان حيا ڪرڻ، جيتوڻيڪ اها سٺي ڳالهه ناهي، حياء الله پاڪ کان ڪرڻ گهرجي، الله پاڪ جي رضا لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، پر پوءِ به جيڪڏهن ماڻهن جي حيا ڪرڻ سان برائي کان بچي وڃجي ته به ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي پر هاڻي ته ڳالهه ان کان به اڳتي نڪري وئي آهي، هاڻي سوشل ميڊيا جو دور آهي، هاڻي ته ڪيترائي نوجوان اهو به ناهن سوچندا ته ماڻهو ڇا چوندا. بس جيڪو دل ۾ ايندو آهي اهو ڪندا آهن. هاڻي ته اهو چون ٿا: ماڻهن جو ڇا آهي، جيڪو چوڻو اٿن سو ڀلي چون، اسان کي پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان گذارڻي آهي. فيشن جي نالي تي ڦاٽل پينٽ پائڻي آهي، بي پردگي ڪرڻي آهي، رڳو ڪمائي لاءِ، شهرت لاءِ، ڪوڙي عزت لاءِ گهر جي عورتن کي سوشل ميڊيا جي زينت بڻايو پيو وڃي، اسان جو مشرقي معاشرو هن ڳالهه جي اجازت ڪڏهن ڏئي ٿو پر ڇا ٿو چئي سگهجي، ماڻهو ڇا چوندا، هاڻي ان کان به اڳتي قدم کڻي چڪا آهن ته شريعت جيڪو چوي ٿي، چوندي رهي، ماڻهو جيڪو چون ٿا، چوندا رهن، اسان کي صرف پنهنجي مرضي