Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
فَحَدِّثُونِي مَا هِيَ يعني وڻن مان هڪ وڻ آهي، ان جا پن نٿا ڪِرن، ان جو مثال مسلمان جهڙو آهي، ٻڌايو ته اهو ڪهڙو وڻ آهي؟
هاڻي صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم سوچڻ لڳا (ته اهو ڪهڙو اهڙو وڻ ٿي سگهي ٿو جنهن جا پن به ناهن ڪرندا ۽ ان جي مثال مسلمان جهڙي آهي، ڪو ڪجهه سوچڻ لڳو، ڪو ڪجهه)، حضرت عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمائن ٿا: منهنجي ذهن ۾ ان سوال جو جواب اچي ويو، (پر مان ننڍو ٻار هئس، مون کان وڏي عمر جا صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم موجود هئا)، ان ڪري انهن جي حياءَ جي ڪري مون جواب نه ڏنو. آخرڪار پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ ئي فرمايو: هِيَ النَّخْلَةُ يعني اهو کُجور جو وڻ آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هي هڪ حديث پاڪ ٻڌي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ وڻ جو ذڪر ڪيو، جنهن جو مثال مسلمان جهڙو آهي ۽ اهو وڻ ڪهڙو آهي؟ کجور جو وڻ. عالمن هتي هڪ سوال اٿاريو، اهو هيءُ ته آخر کجور جي وڻ ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي مسلمان جيان وڻ ڇو فرمايو؟ هن سوال جو جواب ڏيندي عالمن فرمايو: کجور جو وڻ سمورو خير ۽ ڀلائي آهي، ان جو هر حصو نفعو ڏيندڙ ۽ فائدي وارو آهي:* کجيءَ جي پنن مان نُکون ٺهنديون آهن، ان مان رسيون به ٺاهيون وينديون آهن، اڳين زماني ۾ کجيءَ جي پنن مان ماني رکڻ لاءِ ڇٻيون به ٺاهيون وينديون هيون * اهڙي طرح کجيءَ جي ڇال(تند) به باهه ٻارڻ ۾ ڪم ايندي آهي، پهرين اڳين زماني ۾ ان کي ڪپھ جي