Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
جاءِ تي وهاڻا ڀرڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو هو* کجيءَ جو ٿُڙ ستون (Piller) ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو، اڳين زماني ۾ ان کي ڇتين ۾ گاڊر جي جاءِ تي به استعمال ڪيو ويندو هو * اهڙي طرح کجيءَ جي کُوکڙي جا به ڪافي فائدا آهن، ان کي جانورن جي خوراڪ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، ان کي پيهي استعمال ڪيو، طبي طور به گهڻو فائديمند آهي* باقي رهي کجور، ته اها ته نهايت فائدو ڏيندڙ ميوو آهي، ميون ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور ۽ نفعو ڏيندڙ ميوو کجور کي مڃيو ويندو آهي * دم، دل، جگر، گردي، مثاني، پتي ۽ آنڊن جي بيمارين ۾ کجور (ڪَتل) فائديمند آهي* اها بلغم ڪڍندي آهي ۽ وات جي خشڪي دور ڪندي آهي. مطلب ته کجيءَ جي وڻ جا فائدا ئي فائدا آهن. انهيءَ طرح مومن ٻانهي جو به اهو ئي مثال آهي، مومن ٻانهو به صرف ۽ صرف فائدي مند هوندو آهي ان جو نقصان ڪو به ناهي هوندو. هو بس ٻين کي فائدو ئي پهچائيندو آهي[1].
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان الحمد للہ! مسلمان آهيون، پر ٿورو غور ڪريو! ڇا اسان به پنهنجي مسلمان ڀائرن جي لاءِ فائدي مند آهيون؟ ڇا اسان پنهنجي مسلمان ڀائرن جي خيرخواهي ڪيون ٿا؟ افسوس! هاڻي ته ٻين جو برو سوچو ويندو آهي. جي ها! بلڪل صحيح چئي رهيو آهيان: * جيڪو ڀلو چاهيندو هجي، ڇا اهو پرپٺ بُرايون ڪندو آهي؟ اسان وٽ ته غيبت عام آهي * جيڪو ڀلو چاهيندو هجي، ڇا اهو چغليون ڪندو آهي؟ اسان وٽ ته چغليون عام آهن * جيڪو ڀلو چاهيندو هجي، اهو حسد ناهي ڪندو * جيڪو ڀلو چاهيندو هجي، اهو بغض ناهي رکندو * جيڪو ڀلو چاهيندو هجي، اهو طعنا ناهي