Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

جي وچ ۾ بيان ڪري رهيا هئا. نبيِ ذيشان، مڪي مدني سلطانصَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ هي منظر ڏسي ڪري خوشيءَ مان فرمايو: جڏهن اوهان جو ڪو گروهه(ٽولو) ويهندو آهي ته ان سان گڏ ايتري ئي تعداد ۾ فرشتا به ويهي رهندا آهن. جيڪڏهن اوهان جو گروهه سُبْحٰنَ الله چوندو آهي ته فرشتا(ملائڪ) به سُبْحٰنَ الله چوندا آهن، جيڪڏهن اوهان اَلْحَمْدُ لِلّٰه چوندا آهيو ته فرشتا به اَلْحَمْدُ لِلّٰه چوندا آهن، ۽ جيڪڏهن اوهان اَللهُ اَڪْبَرُ چوندا آهيو ته فرشتا به اَللهُ اَڪْبَرُ چوندا آهن، پوءِ اهي فرشتا پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندا آهن، حالانڪه الله پاڪ انهن کان وڌيڪ ڄاڻڻ وارو آهي، فرشتا عرض ڪندا  آهن: اي اسان جا رب! تنھنجا ٻانها تنھنجي پاڪي بيان ڪري رهيا هئا ته اسان به تنھنجي پاڪي بيان ڪئي، انهن تنھنجي وڏائي بيان ڪئي ته اسان به تنھنجي وڏائي بيان ڪئي، انهن تنھنجي حمد بيان ڪئي ته اسان به تنھنجي حمد بيان ڪئي. ان تي الله پاڪ فرمائيندو آهي: اي فرشتو! گواھ ٿي وڃو...!! ته مون انهن کي بخشي ڇڏيو. ملائڪ عرض ڪندا آهن: انهن ۾ فلاڻو ماڻهو وڏو بدڪار آهي. الله پاڪ فرمائيندو آهي: اها اهڙي قوم آهي جو جن جي ويجهو ويهڻ وارو به بدبخت ناهي رهندو.([1])

 سُبْحٰنَ اللہ! جيڪي الله پاڪ جو ذڪر ڪندا آهن، نيڪ ڪم ڪندا آهن، ذڪر ۽ درود جون محفلون ڪندا آهن، اهي اهڙا بلند مرتبي وارا آهن جو * انهن جي ويجهو ويهڻ وارو، ڀلي ڪيترو به گنھگار ڇو نه هجي ان کي به بخشش ۽ مغفرت نصيب ٿي ويندي آهي. *انهن جي صحبت ۾ حاضر ٿيڻ وارو به محروم ۽ بدبخت ناهي رهندو. جڏهن هي ذڪر ۽ درود جون محفلون سجائڻ وارن جو ايڏو وڏو مرتبو آهي ته اهي بلند شان وارا اولياءَ ڪرام، جن کي


 

 



[1]...مجمع البحرین، کتاب الاذکار، باب مجالس ذِکْر اللہ، جلد:4، صفحہ:192، حدیث:4520۔