Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! قادري ٿيڻ جا ڪيترائي فائدا آهن.* اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيڪو حضور غوث پاڪ سان تعلق رکندو نجات ماڻيندو* الله پاڪ غوث پاڪ کان انهن جي مريدن کي جنت ۾ داخل ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي* قادري رحمت جي سمنڊ ۾ رهندو آهي. ([1]) جيڪڏهن توهان ڪنهن جامع شرائط پير جي هٿ تي بيعت ناهيو ۽ هنن برڪتن کي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته منهنجي صلاح آهي ته سلسلهءِ عاليه قادريه ۾ بيعت ٿي ڪري غوثِ پاڪ رحمةُ اللهِ عَلَيْه جي مريدن ۾ شامل ٿي وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! دنيا ۽ آخرت ۾ ان جون گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون.
مُرِیْدِیْ لَاتَخَفْ کہہ کر تسلی دی غلاموں کو
قیامت تک رہے بے خوف بندہ غوث ِ اعظم کا([2])
اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به قادري سلسلي ۾ ئي بيعت ڪندا آهن. هونئن سندن سهروردي، نقشبندي ۽ چشتي سلسلي ۾ به بيعت ۽ خلافت جي به اجازت حاصل آهي پر غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان محبت جو اهو انداز آهي جو پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪنهن ٻئي سلسلي ۾ نه بلڪه صرف قادري سلسلي ۾ ئي بيعت ڪندا آهن. الحمد لله! اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جامع شرائط پير آهن. جيڪڏهن اوهان اڃا تائين ڪنهن جا مريد نه آهيو ته اميرِ اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا مريد ٿي وڃو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! قادري سلسلي جو فيض جاري ٿي ويندو.