Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

خدمت ۾ حاضر ٿيندو ته ان جو قَد پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اوچو ڏسڻ ۾ ايندو پر اهو ٿي ڪيئن ٿو سگهي.....!! اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني اوچائي وارن کان مٿاهون آهن.

سب سے اَولیٰ و اعلیٰ ہمَارا نبی                             سب سے بالا و وَالا ہمَارا نبی

سارے اُونچوں سے اُونچا سمجھئے جسے                   ہے اس اونچے سے اُونچا ہمارا نبی

خلق سے اَولیا اَولیا سے رُسل                              اور رَسولوں سے اَعلیٰ ہمَارا نبی([1])

 ڪو شخص ظاهر ۾ به محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَکان اوچو ڏسڻ ۾ اچي، ربِّ ڪائنات ان کي به پسند نه فرمايو!!

     هاڻي هڪ طرف حسن جي تقاضا آهي ته قَدۡ مبارڪ وچٿرو هجي، ٻئي طرف ضرورت آهي ته ڪو ظاهر ۾ به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اوچو ڏسڻ ۾ نه اچي، ان جي ڪري ربِّ ڪائنات پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو  قَد مبارڪ وچولو ئي رکيو ۽ گڏو گڏ اهو معجزو به عطا فرمايو ته چاهي ڪيتري ئي ڊگهي قَد وارو انسان سندن خدمت ۾ حاضر ٿي ويندو هو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قد مبارڪ ان کان اوچو ئي ڏسڻ  ۾ ايندو هو.

جيئن ته مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ اُمُّ المؤمِنين حضرتِ سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: نور وارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن به ڊگهي قَد واري انسانن جي وچ ۾ هلندا هئا ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کان مٿي ئي ڏسڻ ۾ ايندا هئا پر حيرت جي ڳالهه اها هئي ته جيئن ئي انهن ڊگهن قد وارن کان جدا ٿيندا هئا ته سندن قد مبارڪ وچٿرو ڏسڻ ۾ ايندو هو. ([2])

مسلمانن جا چوٿان خليفه، حضرت علي المرتضٰي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا ته: حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه گهڻا قد جا ڊگها هئا نه ننڍي قد جا بلڪه وچولي قد جا مالڪ هئا. پر جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ هوندا هئا ته سڀني کان اوچي قد


 

 



[1]...حدائقِ بخشش ،صفحہ:140۔

[2]...خصائص الکبریٰ،باب الآيۃ فی طولہ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ،جلد:1،صفحہ:116۔