Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

اُس نگاہِ عنایت پہ لاکھوں سلام

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                   صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([1])   

اي عاشقانِ رسول!سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو!بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو!* رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ * ۽ پياري آقا، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد جي خوشي ۾ جهومي نعرا به لڳائيندس، جهنڊا به لهرائيندس ۽ ذڪرِ مصطفٰي ٻڌي  ڪري دل به ٿڌي ڪندس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                   صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول!اڄ جشنِ ولادت جي عظيم، سهاني رات آهي. اڄ اها رات آهي  هن رات ۾ آسمان جا تارا زمين جي طرف مائل ٿي رهيا هئا. اڄ اها رات آهي جنهن رات ۾ ملائڪن جي ڄڃ زمين تي لهي رهي هئي. اڄ اها رات آهي هن رات زمين ۽ آسمان ۾ خوشيون ئي خوشيون هيون. اڄوڪي رات اها رات آهي جو هن رات ۾ ڪعبة الله سلامي طور جهڪي ويو هو. اڄوڪي رات اها رات آهي جو ملائڪن جي سردار جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪعبي جي ڇت تي جهنڊو لڳايو هو. اڄ ان هستي جي آمد جي رات آهي جيڪي ڪم و بيش هڪ لک 24 هزار انبياء ڪرام جن جي آمد جي


 

 



[1]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔