Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

(1)جسمِ مصطفٰي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو هڪ نرالو معجزو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!هن دنيا ۾ جيتريون شيون آهن، انهن سڀني جون ٻه قسمون آهن: (1) ڪجهه اهي شيون آهن جيڪي ڪثيف (سخت) آهن، اهڙيون شيون جن کي اسان پڪڙي سگهون ٿا، انهن جي اوٽ حاصل ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن انهن کي روشني جي سامهون رکيو وڃي ته زمين تي هنن جو سايو بڻجندو آهي، جيئن ديوار آهي. اسان ديوار کي پڪڙي به سگهون ٿا، هن جي اوٽ ۾ لڪي به سگهون ٿا ۽ اُس يا روشني ۾ ڀت جو سايو به بڻجندو آهي. تنهنڪري ديوار يا ان جهڙيون ٻيون شيون، جيئن اسان جو جسم، ڪاغذ، قلم، دروازو، وهاڻو وغيره انهن سڀني کي ڪَثِيف جسم چيو ويندو آهي. (2) ٻئي قسم جون شيون اهي آهن، جن کي لطيف چيو ويندو آهي يعني اهڙيون شيون جيڪي موجود ته آهن پر اسان انهن کي پڪڙي نٿا سگهون، انهن جي اوٽ حاصل نٿا ڪري سگهون، جيئن هوا آهي، روشني آهي، اسان هوا ۽ روشني کي محسوس ته ڪندا آهيون، روشني اسان کي نظر به ايندي آهي پر اسان هوا ۽ روشني کي نه پڪڙي سگهون ٿا، نه انهن جي اوٽ حاصل ڪري سگهون ٿا، اهڙي طرح هوا ۽ روشني جو ڪو سايو به ناهي هوندو.

    عام مشاهدو آهي ته دنيا ۾ جيڪي شيون ڪَثيف آهن اهي لطيف ناهن ۽ جيڪي لطيف آهن، اهي ڪَثِيف ناهن، مثال طور ڀت ڪَثِيف آهي، لطيف ناهي، هوا لطيف آهي، ڪثيف ناهي. اهو عام قاعدو آهي پر قربان وڃجي!ربّ ڪائنات پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي بي مثل ۽ بي مثال بڻايو آهي، اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم مبارڪ جو هي نرالو معجزو آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جسم مبارڪ هڪ ئي وقت ۾ ڪَثِيف به هو ۽ لطيف به هو.

پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اٿندا هئا، ويهندا هئا، هلندا هئا، ڦرندا هئا، کائيندا هئا، پيئندا به هئا، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي سلام به ڪندا هئا، هٿ به مِلائيندا هئا، ۽ خوش