Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

موتي، عظمت ۽ شان جا هيرا ۽ جواہرات جي کاڻ آهن، جهڙي طرح ويجھي کان ٻُڌن ٿا، انهيءَ طرح پَري کان به ٻُڌن ٿا۔ اهڙا مبارڪ ڪن جيڪي عزت ۽ عظمت جي موتين جو سرچشمو آهن، اهڙن مُبارڪ ڪَنَن تي لکين سَلام هجن.

لکين سال بعد جا آواز ٻڌي ورتا

بخاري شريف جي روايت آهي: هڪ ڀيري مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فجر جي وقت پنهنجي مؤذن حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه کي فرمايو: اي بلال!مسلمان ٿيڻ کان بعد جيڪي توهان نيڪ اعمال ڪيو ٿا، ان ۾ ڪهڙو خاص عمل ڪيو ٿا؟ بيشڪ مون جنت ۾ پنهنجي اڳيان اڳيان تنهنجي قدمن جو آواز ٻڌو آهي. حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه  عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻيو ته ڪو خاص اهڙو عمل ڪونهي، البت اهو آهي ته ڏينهن يا رات ۾ جڏهن به وضو ٽٽندو آهي ته مان يڪدم وضو ڪري (مڪروهه وقت نه هجي ته) تَحِیّۃُ الْوُضُو جا نفلَ پڙهي وٺندو آهيان. ([1])

سبحٰن الله!پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!! هن حديث پاڪ مان هڪ ته تَحِیّۃُ الْوُضُو جي فضيلت معلوم ٿي ته حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه پابندي سان تَحِیّۃُ الْوُضُو جا نفل پڙهندا هئا، هن جي برڪت سان الله پاڪ سندن کي اهڙو مقام عطا فرمايو جو پاڻ قيامت جي ڏينهن خادمانه شان سان مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اڳيان اڳيان جنت ۾ داخل ٿيندا.

ٻيو هن حديث پاڪ مان سماعتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان جو به اندازو لڳايو!مُفَسِّرِشَهِيرحڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي وضاحت ۾ فرمائن ٿا: خيال رهي!معراج جي رات نه ئي حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه حضور سان گڏ جنت ۾ ويا، نه سندن کي معراج ٿي بلڪ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان رات اهو واقعو ملاحظه فرمايو جيڪو قيامت کان بعد


 

 



[1]...بخاری،کتاب: تہجد،باب: فضل الطہور باللیل و النہار،صفحہ :332 ،حدیث:1149۔