Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

کان ٻُڌن ٿا، انهيءَ طرح پَري کان به ٻُڌن ٿا۔ اهڙا مبارڪ ڪن جيڪي عزت ۽ عظمت جي موتين جو سرچشمو آهن، اهڙن مُبارڪ ڪَنَن تي لکين سَلام هجن. 

 لکين غلامن جو درود ٻڌي وٺندا آهن

      اي عاشقانِ رسول!هاڻي هتي غور فرمايو!پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي هزارين ڪلوميٽر پري جا آواز به ٻڌي وٺندا آهن، لکين سال پوءِ ٿيندڙ واقعا به ٻڌي وٺندا آهن بلڪه جتي آواز ئي نه هجي، الفاظ ئي نه هجن، ان کي به ٻڌي وٺندا آهن، سمجھي به وٺندا آهن ته ڇا پنهنجي غلامن جو دُرود نه ٻڌي سگھندا هوندا؟ يقيناً رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گنبذِ خضرا شريف ۾ تشريف فرما رهي ڪري سڄي دنيا جي غلامن جو درود پاڪ ٻڌندا به آهن ۽ جيڪڏهن چاهن ته ڪرم به فرمائيندا آهن، پنهنجو جلوو به ڏيکاريندا آهن.

      حديث پاڪ ۾ آهي، اسان جي پياري پياري آقا، رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: منهنجو جيڪو اُمّتي مون تي دُرود پڙهندو آهي اهو جتي به هجي، ان جو آواز مون تائين پڄندو آهي. ([1])

      سُبۡحٰنَ الله!ڇا عظيمُ الشان سماعت آهي...!! درود پاڪ پڙهڻ وارا پڙهندا آهن، ڪير پاڪستان ۾ پڙهي رهيو آهي، ڪو ترڪستان ۾، ته  ڪو بخارا ۾ پڙهي رهيو آهي، ڪو سمرقند ۾،  ته ڪو آمريڪا ۾ درود پڙهي رهيو آهي، ڪو افريقا ۾، ته وري ڪو  جاپان ۾ ويهي درود شريف جا نظرانا پيش ڪري رهيو آهي، ته وري ڪو عراق ۾، مطلب ته؛ پوري دنيا ۾ جتي جتي به مسلمان عاشقانِ رسول آهن، اهي درود پاڪ پڙهندا آهن، پوءِ اهي هڪ ٻه نه بلڪه هزارين لکين مسلمان آهن، ڪو وقت اهڙو ناهي گذرندو جتي ڪو درود پاڪ نه پڙهي رهيو هجي، ڏينهن هجي يا رات، صبح هجي يا شام، منجهند هجي يا آڌي رات، هر وقت لکن جي تعداد ۾ عاشقانِ رسول بارگاھ مصطفيٰ ۾ درودن


 

 



[1]...ابو داؤد، کتاب المناسک،  باب زیارۃ  القبور،صفحہ:326 ،حدیث:2042۔