Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

برڪت پوندي آھي * نماز بي حيائي ۽ برن ڪمن کان بچائيندي آھي([1]) * ۽ الحمد لله نماز قُربِ خدا!۽ قُرب مصطفيٰ ڏياريندي آھي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي پڪو نمازي بڻجڻ جي توفيق ڏي ۔ ۽ سچو عاشق رسول، پڪو ميلادي به بنائي رکي.  اٰمین بِجاہِ خاتَمِ النَّبِیّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

ہر عبادت سے برتر عبادت نماز                       ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

قلبِ غمگیں کا سامانِ فرحت نماز                       ہے مریضوں کو پیغامِ صحّت نماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈ ک ہے یہ           قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نماز

بھائیو!گر خدا کی رِضا چاہئے                               آپ پڑھتے رہیں باجماعت نماز

قرآن ڪريم جي تلاوت ڪيو۔۔۔۔!!!

اي عاشقانِ رسول!اڄ اسان جنھن جو جشنِ ولادت ملھائي رھيا آھيون تنھن تي قرآن ڪريم نازل ٿيو، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان قرآن ڪريم جي تلاوت فرمائيندا ھئا۔ ھڪ روايت ۾ آھي: منھنجي اُمّت جي اَفضل عبادت قرآن جي تلاوت آھي۔ ۔([2])

لھٰذا اسان کي خوب خوب قرآن ڪريم جي تلاوت جي به عادت وجھڻ گھرجي۔ قرآن ڪريم جي تلاوت به ڪيو ۽ قرآن ڪريم ٺيڪ پڙھڻ سکي به وٺو۔ بدقسمتي سان اڄ تمام گھڻي ماڻھن کي درست تَجويد ۽ مخارج سان قرآن پڙھڻ نه ٿو اچي۔ اَلحمدُلِله!دعوتِ اسلامي فيضانِ قرآن عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آھي۔ قرآن ڪريم ٺيڪ پڙھڻ سکڻ جي لاءِ مدرسة المدينه بالغان جو فيضان حاصل ڪيو!مدرسة المدينه بالغان ۾ وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن کي تجويد سان گڏ قرآن ڪريم پڙھڻ سيکاريو ويندو آھي ۽ گڏوگڏ ئي بنيادي ضروري اَحڪام ۽ مَسائل ۽ سنتون ۽ آدابَ به سيکاريا ويندا آھن، توھان به


 

 



[1]...فیضان نماز، صفحہ:10 ملتقطاً۔

[2]...شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004 ۔