Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

تمام جهانن سان تعلق قائم آهي

حضرت علامه احمد سعيد ڪاظمي شاهه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن مقام تي تمام پيارو علمي نڪتو بيان ڪيو آهي، سندن ارشاد جو خلاصو آهي: رَسول جو مُرۡسَلَ اِلَيۡهِ (يعني پنهنجي اُمّت) سان هڪ تعلق هوندو آهي، جيڪڏهن تعلق قائم نه رهي ته معاذالله!رسالت ئي باقي نه رهندي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته رسول اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت جو دائرو ڪيسيتائين آهي؟ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

تَبٰرَكَ الَّذِیْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰى عَبْدِهٖ لِیَكُوْنَ لِلْعٰلَمِیْنَ نَذِیْرَ ﰳاۙ (۱)  (پارہ:18 ،سورۂ فرقان:1)

ترجمو ڪنزالايمان: اهو(الله) وڏي برڪت وارو آهي جنهن پنهنجي ٻانهي تي قرآن نازل فرمايو ته جيئن هو سڄي جھان وارن کي ڊيڄاريندڙ هجي.

معلوم ٿيو؛ رسول اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄي جھانن کي ڊپ (خوف) ٻڌائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام جھانن جي لاءِ رسول آهن * عالم ارواح جا به رسول آهن * عالمِ دنيا جا به رسول آهن * عالمِ برزخ جا به رسول آهن، انهيءَ لاءِ سندن رسالت ئي اهو تقاضو ڪري ٿي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو تعلق هر وقت تمام جھانن سان بدستور قائم رهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن پاڻ هن دنيا ۾ تشريف فرما هئا ته عالم برزخ سان به مسلسل تعلق قائم هو، هاڻي جڏهن پاڻ عالم برزخ ۾ تشريف فرما آهن ته هاڻي به هن دنيا سان سندن تعلق بدستور قائم آهي. ([1])

وہ جو نہ تھے تو کچھ نہ تھا، وہ جو نہ ہوں تو کچھ نہ ہو                  جان ہیں وہ جہان کی، جان ہے تو جہان ہے([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                  صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...مواعظِ کاظمی،جلد:1، صفحہ:22 -23 ملخصًا۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:178۔