Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

کان 70 درجا وڌيڪ لطيف آهي.

روح تو سب کی ہے زِندہ ان کا                             جِسْمِ پُر نُور بھی رُوحانی ہے

اَوروں کی رُوح ہو کتنی ہی لَطیف                         اُن کے اَجْسَام کی کب ثانی ہے([1])

وضاحت: يعني انبياء ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جا مبارڪ جسم روحاني هوندا آهن، ماڻهن جا روح ڪيترا ئي لطيف ڇو نه هجن، انبياء ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي جسم مبارڪ  کان وڌيڪ  لطيف هرگز نٿا ٿي سگهن.

(2) قَد مبارڪ جو معجزو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم پاڪ جو هڪ ٻيو نرالو معجزو آهي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قامت يعني قَد مبارڪ جو معجزو.

انسان جو قَد آهي، جسامت جي مطابق هجي ته سٺو لڳندو آهي، مثال طور ڪنهن جو جسم بلڪل سنهو هجي ۽ قَد ڪافي ڊگهو هجي ته ڏسڻ ۾ عجيب لڳندو، ائين ئي جسم ٿلهو هجي ۽ قد تمام ننڍو هجي، تڏهن به عجيب لڳندو. مطلب ته: انسان جو قَد ان جي حسن تي اثر وجهندو آهي، حسن جي تقاضا اها آهي ته جسم به نه گهڻو سنهو هجي، نه گهڻو ٿلهو هجي ۽ قَدۡ به نه تمام ڊگهو هجي، نه تمام ننڍو بلڪ  وچولو هجي.

 اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني حسينن کان وڌيڪ حسين آهن، لهذا ربّ ڪائنات پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جسم مبارڪ به نهايت وچٿرو بڻايو ۽ قَدۡ مبارڪ به نه تمام گهڻو ڊگهو رکيو، نه تمام ننڍو بڻايو بلڪ محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قَد مبارڪ نهايت مناسب ۽ وچٿرو  هو.

پر هتي هڪ مشڪل آهي حسن اها تقاضا ڪندو آهي ته قَدۡ مبارڪ وچٿرو هجي پر مشڪل هي آهي ته جڏهن ڪو ڊگهي قَدۡ وارو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي


 

 



[1]...حدائقِ بخشش ،صفحہ:372 ۔