Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

ذريعي به نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مَصرُوفِ عَمَل آھي۔ دعوتِ اسلامي I.T ڊيپارٽمنٽ جي تحت ھينئر تائين ڪيتريون ئي موبائل ايپلي ڪيشنون بڻائي ڪري لانچ ڪري چڪي آھي؛ (1) تفسيرِصِراطُ الجنان موبائل ايپلي ڪيشن: قرآن ڪريم پڙھڻ، ان کي سمجھڻ ۽ قرآن ڪريم جو فيضان ماڻڻ جي لاءِ ھڪ زبردست ۽ نرالي ايپلي ڪيشن آھي، ان جي ذريعي قرآن پاڪ ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙھي ڪري قرآن جي نُور سان سينو روشن ڪري سگھجي ٿو۔ (2) فيضان حديث موبائل ايپلي ڪيشن: وڏي پياري ايپلي ڪيشن آھي، ان جي ذريعي توھان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون حديثون ۽ انھن جي شرح پڙھي سگھو ٿا هن وقت ايپلي ڪيشن ۾ حديثِ پاڪ جي مشھور ڪتاب مِشڪوٰةُ المَصَابِيح ۽ ان جي آسان اُردو شرح مِراٰةُ المَنَاجِيح شامل ڪيون ويون آھن، عنقريب ان ۾ حديث پاڪ جون مزيد ڪتابون به شامل ڪيون وينديون۔ ھن ايپلي ڪيشن جي مدد سان توھان احاديثِ ڪريمه کي ڪتابي صورت ۾ (يعني جلدن جي اعتبار سان) به پڙھي سگھو ٿا ۽ مختلف موضوعن جي اعتبار سان پنھنجي گھرج واري موضوع جو به مطالعو ڪري سگھو ٿا، ھن ايپلي ڪيشن ۾ سرچ آپشن جي سھولت به موجود آھي، جنھن جي ذريعي ڪا به حديث ۽ ان جي شرح ڳولھي سگھجي ٿي. (3)بھارِ شريعت موبائل ايپلي ڪيشن: ھن ايپلي ڪيشن جي ذريعي ديني مسئلا پڙھي ۽ سکي سگھجن ٿا۔ (4) مولانا الياس قادري موبائل ايپلي ڪيشن: ھن ايپلي ڪيشن جي ذريعي توھان ڄاڻي سگھو ٿا: اميرِ اھلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مخصتر تعارف * مختلف موضوعن تي جڙيل Category Wise مدني مذاڪري جا سوالَ ۽ انھن جا جوابَ * اميرِ اھلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي آفيشل  سوشل نيٽ ورڪ اڪائونٽ۔

ٽيلي ٿون جي ترغيب

اي عاشقان رسول!صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دعوتِ اسلامي جو ديني ڪم 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ پکڙجي چڪو آهي * دعوت اسلامي هاڻي تائين هزارين