Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نگاهِ پاڪ جو اهو ئي ڪمال آهي. جيڪڏهن ان جو دليل ڏسڻو آهي ته سيپاري: 27، سوره وَالنَّجۡم پڙهو، الله پاڪ هن سورت ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏسڻ جي قوت جو ڪمال بيان فرمايو آهي.

نگاھِ مصطفيٰ جو نرالو معجزو

اي عاشقانِ رسول!هي ته ڇھ سَمتون (يعني اڳيان، پويان، ساڄي، کاٻي، مٿي، هيٺ جي 6 سمتن) جي ڳالهه آهي، نگاھِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي الله پاڪ جيڪي ڪمال عطا فرمايا آهن، اهي ان کان به وڌيڪ آهن، ڏسو!پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ ڇھ ئي سمتن ۾ برابر ڏسندا آهن، اهو به وڏو ڪمال آهي پر غور فرمايو!هي  جهتون ڪٿي آهن؟ هن دنيا ۾، هن جھان ۾، هن جھان کان هٽي ڪري ٻيو جھان آهي، اهو هنن 6 سمتن ۾ ناهي ايندو بلڪه اهو ته جھان ئي تبديل هوندو آهي، مثلاً عالمِ اَرۡواح آهي، پوءِ عالمِ دنيا، پوءِ عالمِ برزخ آهي، پوءِ عالمِ آخرت آهي، اهڙي طرح هزارين جھان آهن، اسان انهن جھانن ۾ ڇھ جون ڇھ ته ڇا 2 سمتن ۾ به برابر نٿا ڏسي سگهون، اسان سامهون ڏسي رهيا هجون ته پويان نظر ناهي ايندو، پويان ڏسون ته سامهون جون شيون نظر ناهن اينديون ته جڏهن اسان هڪ جھان جي ڇھ ئي سمتن ۾ برابر نٿا ڏسي سگهون ته هڪ جھان ۾ رهي ڪري ٻي جھان کي ڪيئن ڏسي سگهنداسين؟ جيڪي اڃا عالمِ ارواح ۾ آهن، اڃان دنيا ۾ آيا ئي نه آهن، اهي هن دنيا کي نٿا ڏسي سگهن، جيڪي دنيا ۾ آهن، اهي عالم برزخ کي نٿا ڏسي سگهن مگر قربان وڃجي!رَبِّ ڪائنات پنهنجي محبوب حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪهڙي ڪمال جي نگاھ عطا فرمائي آهي، سندن اک مبارڪ هن جھان ۾ رهي ڪري ٻي جھان وارن کي به ڏسي وٺندي آهي.

بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي، هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪٿان کان گذري رهيا هئا، 2 قبرون ڏسي، فرمايائون: هنن ٻنهي قبر وارن تي عذاب ٿي رهيو آهي ۽ عذاب به ڪنهن