Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

ٻين مبارڪ عضون جا معجزا

اي عاشقان رسول!اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سراپا معجزو آهن. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا موءِ مبارڪ اهڙا بيمثال ۽ باڪمال آهن جو صديون گذري ويون اڄ به * اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!دنيا ۾ هزارين عاشقانِ رسول وٽ صحيح سلامت موجود آهن. * اڄ به موءِ مبارڪ جي برڪت سان شِفا ملندي آهي * موءِ مبارڪ جي برڪت سان مشڪلات حل ٿينديون آهن * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ هٿن جي ڳالهه ڪجي!ته هي اهي مبارڪ هٿ آهن جو انهن جي برڪت سان شِفا ملندي آهي * هٿ مبارڪ جنهن شيءِ کي ڇُهَن، ان کي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن  * هڪ ڀيري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آسيب زده (جنات ۾ مبتلا) تي هٿ مبارڪ گھمايو ته ان کي شِفا ملي وئي ([1]) * حضرت  قتاده رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اک نڪري وئي هئي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي پاڪيزه هٿ سان اک جو تارو واپس ان جي مقام تي رکيو ته ان کي شفا نصيب ٿي وئي([2]) * حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ٽنگ ڀڃي پئي هئي، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هٿ مبارڪ گھمايو ته ٽٽل ٽنگ ٺيڪ ٿي وئي. ([3]) * غزوه بدر جي موقعي تي حضرت عڪاشه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي تلوار ٽُٽي پئي هئي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي هٿ مبارڪ سان ان کي وڻ جي ٽاري پڪڙائي ته اها سفيد چمڪندڙ تلوار بڻجي وئي  ([4]) * هڪ ڀيري حضرت بِشۡر بن معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي مٿي تي هٿ گھمايو ته انهن جي هي حالت ٿي وئي جو  جنهن مريض کي هٿ لڳائيندا هئا، اهو مريض شِفا ماڻيندو هيو ۽ ([5]) * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه


 

 



[1]...مسند  احمد ،جلد: 9 ،صفحہ:651 ،حدیث:24468 ملخصًا۔

[2]...امتاع الاسماع،و اما رد الرسول عین قتادۃ ،جلد:11 ،صفحہ:330 ملخصًا۔

[3]...بخاری،کتاب المغازی، باب قتل ابی رافع عبد اللہ ،صفحہ:1015 ،حدیث:4039 ملتقطًا۔

[4]...جامع الاصول فی احادیث الرسول،عکاشہ بن محصن،جلد: 10 ،صفحہ:443۔

[5]...کنزالعمال،کتاب الفضائل، فضائل الصحابۃ ،جز:13 ،جلد:7،صفحہ:130 ،حدیث:36856  ملخصًا۔