Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

فضائل عطا فرمايا آهن، انهن کان بي خبر رهڻ امت لاءِ تمام برو آهي. ([1])   

نام تیرا، ذِکْرتیرا، تو تِرا پیارا خیال                     ناتوانوں بے سہاروں کا سہارا ہو گیا([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                   صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

جسم پاڪ جا معجزا ۽ ڪمالات

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!اچو صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي ادائن تي عمل ڪرڻ ۽ دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ جي لاءِ سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي جسم مبارڪ جا معجزا ۽ ڪمالات جو مختصر تذڪرو ٻڌون ٿا:

اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سراپا معجزو آهن

سيپاري: 6، سورت نساء، آيت: 174 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ قَدْ جَآءَكُمْ بُرْهَانٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ  (پارہ :6 ،سورۂ نسا:174)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي انسانو!بيشڪ توهان وٽ توهان جي رب جي طرف کان واضح دليل آيو.

مفسرسڳورا هن آيت جي تفسير ڪندي فرمائن ٿا: نهايت مضبوط ۽ پختو دليل کي برهان چوندا آهن. هن آيت سڳوري ۾ برهان مان مراد اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن يعني دعوٰي هي آهي ته ڪائنات جو هڪ خالق، هڪ مالڪ آهي ۽ اهو هڪ سچو خدا الله ربُّ العالمين آهي، اي انسانو!رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن دعوٰي تي نهايت ئي پختو ۽ مضبوط دليل بڻجي توهان وٽ تشريف کڻي آيا آهن. ([3])

رَبِّ اعلیٰ کی نعمت پہ اعلیٰ درود                         حق تَعَالیٰ کی مِنَّت پہ لاکھوں سلام([4])


 

 



[1]... کتاب الشریعۃ للآجری، جزء الحادی عشر، باب فضائل النبی،جلد:3 ،صفحہ 1385۔

[2]... ذوقِ نعت،صفحہ:74۔

[3]...تفسیر نعیمی ،پارہ:6 ،سورۂ نسا،تحت الآیۃ:174 ،جلد:6 ،صفحہ:144ماخوذًا۔

[4]...حدائقِ بخشش ،صفحہ:298۔