Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

جا نظرانا پيش ڪري رهيا آهن ۽ رَبِّ ڪائنات پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ ڪنن کي اهو شان عطا فرمايو آهي جو پاڻ هر وقت سڀني جو درود سماعت فرمائيندا آهن.

واللہ!وہ سُن لیں گے، فریاد کو پہنچیں گے             اِتنا بھی تو ہو کوئی جو آہ کرے دِل سے([1])

وضاحت: بس ڪير دل سان فرياد ڪري ته سهي، الله پاڪ جو قسم!پيارا آقا، مديني وارو مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرياد ٻڌي به وٺندا، مدد به فرمائيندا.

(4) اک مبارڪ جا معجزا

      پيارا اسلامي ڀائرو!هاڻي اچو!امامُ الانبياء، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ اکين جو شان ٻڌون ٿا:

مبارڪ اکين جون حُسن ۽ جمال

       * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون مبارڪ اکيون ڪُشاديون ۽ خوب سياھ هيون([2]) * مبارڪ اکين جي سفيد حصّي ۾ سُرخ ڏور هئي([3]) * ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون مبارڪ اکيون قدرتي طور تي سُرۡمَگِين هيون (يعني پاڻ سُرمو توڙي جو لڳائيندا هئا پر سرمو لڳائڻ جي حاجت نه هئي) ([4])  * حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ننڍپڻ هيو، ٻيا ٻار جڏهن ننڊ مان اٿندا هئا ته انهن جا وارَ وکريل هوندا هئا ۽ اکيون ننڊ هاڻيون هونديون هيون، ليڪن رسولِ خُدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ننڊ مان جاڳندا هئا ته سَرِ اَقۡدَس تي تيل ۽ اکين ۾ سُرمو لڳل هوندو هو. ([5])


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:143۔

[2]...دلائل النبوۃ للبیہقی ،باب صفۃ عین رسول اللہ ، جلد:1 ،صفحہ:213۔

[3]...دلائل النبوۃ للبیہقی ،باب صفۃ عین رسول اللہ ، جلد:1 ،صفحہ:210۔

[4]... دلائل النبوۃ للبیہقی ،باب صفۃ کفی  رسول اللہ ، جلد:1 ،صفحہ:248۔

[5]...طبقات الکبریٰ،ذکر ابی طالب و ضمہ رسول اللہ، جلد:1 ،صفحہ:96۔