Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

    اسان اِن شَآءَ اللهُ الڪريم!ڌوم ڌام سان جشن ولادت ملھائينداسين، جشنِ ولادت جي خوشي ۾ سٺا، صاف سٿرا  ڪپڙا به پائينداسين، تيار ٿي ڪري ميلاد جي جلوس ۾ به شرڪت ڪنداسين، آقا جي آمد جا نعره به لڳائينداسين ۽ اِن شَآءَ اللهُ الڪريم!دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسان جي بي مثال آقا جو جشنِ ولادت آھي، اَلحمدُلِله!اسان ان تي دل ۽ جان سان خوش به آھيون ۽ رَبِّ ڪريم جا شڪر گذار به آھيون۔

جشنِ میلادُ النبی ہے کیوں نہ جھومیں آج ہم          مسکراتی ہیں بہاریں سب فضا پُرنُور ہے

جشن ولادت جي خوشي ۾ روزو رکو!

اِن شَآءَ اللهُ الڪريم!اسان جلوس ۾ به شرڪت ڪنداسين ۽ پنھنجي آقا ڪريم آقا، رحيم آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادا کي ادا ڪندي جشنِ ولادت جي خوشي ۾ روزو به رکنداسين۔ نفلي روزو آھي، جنھن کان ٿي سگھي، طبيعت ساٿ ڏي ته روزو لازمي رکڻ گھرجي۔ حديث پاڪ ۾ آھي: جنھن ثواب جي اميد رکندي ھڪ نفلي روزو رکيو، الله پاڪ ان کي دوزخ کان 40 سالن (جي پنڌ برابر) پري ڪري ڇڏيندو۔)[1]( معجمِ ڪبير جي روايت ۾ آھي: جنھن ھڪ نفلي روزو رکيو، ان لاءِ جنّت ۾ ھڪ وڻ لڳايو ويندو جنھن جو ميوو ڏاڙھو کان ننڍو ۽ صوف کان وڏو ھوندو، اھو ماکي جھڙو مٺو ۽ ذائقيدار ھوندو، الله پاڪ قيامت جي ڏينھن روزي دار کي ان وڻ جو ميوو کارائيندو۔)[2](

ميلاد جي جلوس ۾ شرڪت ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو!اسان کي اِن شَآءَ اللهُ الڪريم!ميلاد جي جلوس ۾ به خوب ڌوم ڌام سان شرڪت ڪرڻي آھي * ميلاد جي جلوس ۾ گاڏيون/موٽر سائيڪل/پيادل ھر انداز سان ڀرپور تياري سان شرڪت ڪئي


 

 



[1]...جمع الجوامع، جلد:7، صفحہ:190، حدیث:22251۔

 [2]...معجم کبیر، جلد:18، صفحہ:366، حدیث:935۔