Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

ھڪ جڳھ تي فرمائن ٿا:

اے رضا خود صاحِبِ قرآں ہے مَدَّاحِ حضور

تجھ  سے  کب  ممکن  ہے  پھر  مِدْحت  رسولُ اللہ  کی ([1])

جن جون تعريفون رَبِّ ڪائنات قرآن ۾ بيان ڪندو آھي، ان جي تعريف جو حق اسان جھڙا ادنٰي غلام ڪيئن ٿا ادا ڪري سگھن...؟ بس اسان کي اھائي تمنا ڪرڻ گھرجي ته الله پاڪ اسان کي اھڙي عظيمُ الشَّان، بي مثل و بي مثال، خوش خصال و باڪمال آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سچّو غلام، باعمل ۽ شڪر گذار اُمَّتي بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي!ڪاش!دل ۾ عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اھڙا ڏيئا ٻرن جو دنيا ته ڇا قبر به ان چراغ سان روشن ٿي پوي۔

لحد میں عشقِ رُخِ شَہ کاداغ لے کے چلے           اندھیری رات سنی تھی، چراغ لے کے چلے([2])

وضاحت: ٻڌو آھي قبر جي انڌيري رات آھي، جيئن ته اسان دل ۾ عشقِ مصطفيٰ سجايو، هي ئي اُھو چراغ آھي، جيڪو اوندائي قبر کي روشن ڪندو۔

جشنِ ولادت ۽ ميلاد جي جلوس متعلق مدني گُل

اي عاشقان رسول!سڀاڻي ٻارھين شريف آھي، پياري نبي، رسولِ ھاشمي، مڪي مدني، مُحمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جشنِ ولادت آھي، اَلحمدُلِله!صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم به پنھنجي دور جي مطابق ولادت مصطفيٰ جي خوشي ڪئي، ھن نعمت تي الله پاڪ جو شڪر بجا آندائون بلڪه پاڻ اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به پنھنجو جشن ولادت ملھائيندا ھئا بلڪه پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته ساليانو نه بلڪ ھر ھفتي يعني ھر سومر شريف تي روزو رکي ڪري پنھنجو جشنِ ولادت ملھائيندا ھئا۔


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:153۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:369۔