Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ   (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

فَقِيۡہُ الۡعَصۡر(يعني پنهنجي وقت جا تمام وڏا عالم) حضرت علّامه مفتي محمد امين صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جنهن درودِ پاڪ جي فضيلت تي مشهور زمانه ڪتاب آبِ ڪوثر لکي آهي، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري پيپلز ڪالوني (فيصل آباد، پنجاب) کان هڪ سيد صاحب جنهن جو نالو سيد رياض هو، هو مون وٽ آيو ۽ چيائين: منهنجو ڪاروبار هو، سڄو ختم ٿي ويو، هاڻي مون تي لکين روپيه قرض آهي، ڏاڍو پريشان آهيان، ڪجهه حل ٻڌايو!

مفتي امين صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون شاهه صاحب کي درود پاڪ تي لکيل ڪتاب آبِ ڪوثر عطا ڪئي ۽ چيو: شاهه صاحب!اوهان هي ڪتاب پڙهو ۽ هن جي مطابق عمل ڪيو!ان جي برڪت سان اوهان جا ڪيئي مسئلا حل ٿي ويندا.

شاهه صاحب ڪتاب ورتو ۽ هليو ويو پوءِ تقريبًا ڇهن مهينن کان بعد وري تشريف کڻي آيا، هن ڀيري ڏاڍو خوش هئا، چهري تي رونق هئي، شاهه صاحب وڏي خوشي سان ٻڌايو ته منهنجي ذمي 7 لک قرض هو، الحمد لله هاڻي صرف ڏيڍ لک رهجي ويو آهي.

هي قرض ڪيئن لٿو!ان جي تفصيل ٻڌائيندي فرمايائين: ٿيو ائين جو مون آبِ ڪوثر پڙهي، ان ۾ درودِ پاڪ جا فضائل پڙهي ڪري مون کي شوق پيدا ٿيو ۽ مون خوب محبت ۽ شوق سان درودِ پاڪ پڙهڻ شروع ڪيو.