Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ تصَوُّرِمصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!هن واقعي مان هڪ مدني گل هي به سکڻ جي لاءِ مليو ته صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ظاهري طور دور هوندا هئا ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري نوراني چهري، سندن حسن ۽ جمال ۽ مبارڪ ادائن جو تصور ڄمائي دل کي تسڪين ڏيندا هئا.

سبحٰن الله!اها به ڏاڍي پياري ادا آهي، ڪاش!اسان غلامن کي به توفيق نصيب ٿي وڃي، اسان به اڪيلائي ۾ اکيون بند ڪري ويهندا ڪيون، ڪڏهن گنبذِ خضرا جو تصور ڪيون، ڪڏهن سنهري ڄارين جي تصور ۾ گُم ٿي وڃون ۽ الله پاڪ توفيق ڏي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حليو مبارڪ ڪتابن مان پڙهي ذهن ۾ ويهاريون، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ ادائن کي پڙهندا به ڪيون، ذهن ۾ ويهاري به ڇڏيون ۽ وقت به وقت اکيون بند ڪري، مٿي کي جهڪائي سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ادائن جو تصور ڪري پنهنجي ساهه کان پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادائن ۾ گُم ٿي وڃون، يقين مڃو!سُرور ئي سُرور ايندو، دل ۾ ايمان اهڙو مضبوط ٿيندو جو جنهن جو  ڪو جواب ناهي...!!

دِل میں ہو یاد تری گوشۂ تنہائی ہو                        پھر تو خَلْوَت میں عجَب انجمن آرائی ہو([1])

حضرت ابُو هرَيرَه رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ ذڪرِ مصطفٰي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

مشهور صحابيِ رسول آهن: حضرت ابُو هرَيرَه رَضِىَ اللهُ عَنْه. پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!جون سڀ کان وڌيڪ حديثون سندن ئي روايت ڪيون آهن. حضرت سَيدُنا ابُو هرَيرَه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هڪ نهايت پياري، ايمان افروز ۽ عشق واري عادت هئي، جيئن طبقات ابن سعد ۾ آهي: حضرت سَيدُنا ابُوهرَيرَه رَضِىَ اللهُ عَنْه جو معمول مبارڪ هو، پاڻ


 

 



[1]... ذوقِ نعت،صفحہ:204۔