Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

ٿيندو ڇوته تمام مخلوق کان پهريان حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنت ۾ هن طرح داخل ٿيندا جو حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه  خادم جي حيثيت سان اڳيان اڳيان هوندا. هن مان معلوم ٿيو؛ حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم!جي مبارڪ اکين ۽ ڪنن کي اهو شان عطا ڪيو ويو آهي جو پاڻ لکين سال بعد ٿيڻ وارن واقعن کي ڏسي به وٺندا آهن ۽ انهن جا آواز به ٻڌي وٺندا آهن، اهو واقعو معراج جي رات کان ڪيئي لک سال بعد ٿيندو پر قربان انهن ڪنن تان جو ان وقت جي واقعي جو آواز اڄ(يعني معراج جي رات) ئي ٻڌي رهيا آهن. ([1])

اے کرم کی کان، اے گوشِ حُضُور                     سُن  لے  فریادِ  غریباں  اَلْغِیَاث([2])

وضاحت: اي ڪرم جا سرچشما، اي حضور جانِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڪن مبارڪ!اسان غريبن جي فرياد ٻڌي وٺ، اسان جي مدد فرماءِ.

سماعت مصطفٰي جو  نرالو  شان

اي عاشقانِ رسول!هاڻي سماعتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ نرالو شان ٻڌو!سائنسي لحاظ سان ڏٺو وڃي ته جڏهن ٻه شيون پاڻ ۾ ٽڪرائينديون آهن ته ان مان آواز پيدا ٿيندو آهي، اهو آواز اسان جي قوتِ سماعت جي دائري(Range) ۾ هجي ته اسان ان کي ٻڌي سگهون ٿا، نه ته نٿا ٻڌي سگهون. پوءِ جيڪڏهن اسان اهو آواز ٻڌي به وٺون ته ان کي سمجهڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ان آواز ۾ الفاظ موجود هجن ۽ اهي الفاظ به ان زبان ۾ هجن جيڪا زبان اسان کي اچي ٿي يعني اهي سڀئي تقاضا پورا هجن، آواز هجي، اسان جي ڪنن تائين پهچي، ان ۾ الفاظ به هجن، اسان انهن لفظن جي زبان به ڄاڻيندا هجون تڏهن اسان ڪنهن آواز کي ٻڌي ڪري ان کي سمجهي سگهون ٿا پر سماعتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نرالو شان آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هزارين ڪلو ميٽر پري وارا آواز به ٻڌن ٿا، لکين سال بعد جي واقعن جا آواز به ٻڌن ٿا، هاڻي ان کان ٿورو اڳتي وڌو!هي جيڪو ڪجهه


 

 



[1]... مرآۃ المناجیح ،جلد:2 ،صفحہ:302 بتغیر قلیل ۔

[2]... ذوقِ نعت ،صفحہ:106۔