Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

شوقِ ديدار مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

حضرت مُصعب بن عمير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ صحابيءِ رسول آهن، اڃا سرڪارِ نامدار، مديني جا تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!هجرت ڪري مديني پاڪ نه آيا هئا، ان کان پهريان پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت مُصعب بن عمير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ مديني پاڪ موڪليو هو، سندن هتي اچي نيڪي جي دعوت جون خوب ڌومون مچايون، ۽ ڪيترن ئي ماڻهن سندن هٿ تي اسلام قبول ڪيو. ([1])

   انهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي هڪ ڏينهن حضرت مُصعب بن عمير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ مديني پاڪ ۾ هڪ مقام تي ويهي ديني درس ڏئي رهيو هو، ٻيا صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ ويهي ٻڌي رهيا هئا، انهن ٻڌڻ وارن  ۾ حضرت ابو عبدالرحمٰن رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ به موجود هو، درس دوران  جڏھن به سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو ذڪر مبارڪ ايندو ھو ته ابو عبدالرحمٰن رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي اکين ۾ رسول الله
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو شوقِ ديدار جاڳي پوندو ھو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ملاقات جي لاءِ ھو بي چين ٿي ويندو ھو۔

آخرڪار ابو عبدالرحمٰن رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيتاب ٿي ڪري چيو: رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت جي وڏي سِڪ آھي، ڪڏھن سال ويندو ۽ موسمِ حج ايندو ۽ اسان پنهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت سان مشرف ٿينداسين. انهن جي اها ڳالهه ٻڌي ڪري حضرت مصعب بن عمير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ مسڪرايو ۽ فرمايائون: اي ابوعبدالرحٰمن!صبر ڪر ڏينهن جلدي گذري ئي ويندا.

ويجهو ئي حضرت ابنِ مَسلَمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ويٺا هيا، اهي چوڻ لڳا: ها يارحضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ديدار کان سواءِ مونکي سڪون حاصل ناهي. ڪڏھن ھي ڏينهن گذرندا...!

گزر تو جائے گی تیرے بغیر بھی لیکن                بہت اُداس، بہت بےقرار گزرے گی


 

 



[1]... طبقات الكبریٰ،جلد:3 ،صفحہ:87 ۔