Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏسڻ جو مبارڪ انداز

 * اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادَت مبارڪ هئي ته پاڻ حيا سان نگاهون جھڪائي رکندا هئا ۽ جڏهن ڪنهن کي ڏسندا هئا ته عادت مبارڪ هئي ته اک جي ڪنڊ سان ڏسندا هئا. ([1])

نیچی آنکھوں کی شَرْم و حَیا پر دُرود                          اُونچی بِینی کی رِفْعَت پہ لاکھوں سلام([2])

سامهون ۽ پٺيان هڪجهڙو ڏسندا هئا

مشهور صحابي رسول حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن نبي اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي نمازِ ظهر پڙهائي، جماعت جي آخري صف ۾ هڪ شخص هيو، ان نماز جي دوران ڪجھ غلطي ڪئي، جڏهن نماز مڪمل ٿي، سرورِ عالم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سلام ورايو ته ان آخري صف واري شخص کي آواز ڏئي ڪري فرمايو: اي فلاڻا!ڇا تُون الله پاڪ کان نٿو ڊڄين؟ ڇا تون نٿو ڏسين ته تون ڪيئن ٿو نماز پڙهين؟

پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا توهان اهو سمجھو ٿا ته مون تي توهان جو ڪو عمل لڪيل رهندو آهي؟ الله پاڪ جو قسم!مان پٺيان به ايئن ئي ڏسندو آهيان، جيئن سامهون کان ڏسندو آهيان. ([3])

    سُبْحٰنَ اللہ!ڇا ڪمال جي نگاھ آهي!حڪيمُ الاُمّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن حديٽ پاڪ مان چند مسئلا ثابت ٿيا: (1): حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اک شريف اڳيان، پويان، ساڄي، کاٻي، انڌيري سوجھري ۾ هر شيءِ ڏسي وٺندي آهي (2): حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اک مبارڪ جي لاءِ


 

 



[1]...دلائل النبوۃ للبیہقی ،حدیث ہند بن بی ہالۃ فی صفۃ رسول للہ ، جلد:1 ،صفحہ:287۔

[2]...حدائق بخشش،صفحہ:301۔

[3]...مسند احمد،مسند ابی ہریرہ،جلد:4 ،صفحہ: 662 ،حدیث:10049۔