Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

آسمان جي چيچاٽ جو آواز ٻڌي ورتو

حديث پاڪ جي مشهور ڪتابن ترمذي، ابنِ ماجه ۽ مسند امام احمد جي روايت آهي: هڪ ڀيري مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ مان اهو ڏسان ٿو جيڪو توهان نٿا ڏسو، مان اهو ٻڌان ٿو جيڪو توهان نٿا ٻڌو. بيشڪ آسمان چيچاٽ ڪيا ۽ ان جو حق آهي ته اهو چيچاٽ ڪري ڇو ته آسمان تي 4 آڱرن جي برابر به جڳهه اهڙي ناهي، جتي ڪو ملائڪ پيشاني رکي رب ڪريم جي حضور سجدو نه ڪري رهيو هجي. ([1]) 

سبحٰن الله!پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!پهريان ته نگاههِ مصطفٰي جو ڪمال ڏسو!زمين ته زمين رهي، آسمان زمين کان ڪيئي درجا وڏو آهي ۽ مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ زمين تي رهي ڪري آسمان جو مشاهدو فرمائي رهيا آهن ۽ ڏسو!ڪيترو گِهرو مشاهدو آهي ته آسمان جو 4 آڱرن جي برابر حصّو به اهڙو ناهي جو نگاههِ مصطفٰي کان لڪيل هجي، رسولِ رحمت، شفيعِ امت
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ زمين تي ويهي ڏسي رهيا آهن ته آسمان تي 4 آڱرن جي برابر به جڳهه  خالي ناهي جو جاٿي ڪو ملائڪ پيشاني رکي ربّ ڪريم جي حضور سجدو نه ڪري رهيو هجي. 

    وري سماعتِ مصطفٰي جو به ڪمال ڏسو!آسمان هتان کان هزارين ڪلو ميٽر پري آهي، اسان جهڙن عام انسانن کي ته ٻئي ڪمري ۾ ويٺل ماڻهن جو آواز به ٻڌڻ ۾ ناهي ايندو  ۽ سرور عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ ڪن اهڙا آهن جو زمين تي ويهي ڪري هزارين ڪلو ميٽر پري آسمان جي چيچاٽ جو به آواز ٻڌي وٺندا آهن.

دُور و نزدیک کے سننے والے وہ کان                   کانِ لعلِ کرامت پہ لاکھوں سلام([2])

 وضاحت: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڪَن مُبارڪ جيڪي درحقيقت عزّت جا


 

 



[1]...ترمذی، کتاب الزہد، باب فی قول النبی:لوتعلمون مااعلم ،صفحہ :554 ،حدیث:2312۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ :300۔