Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

اکين سان ڏسڻ ۾ ايندي هئي ۽ انهن کي لڳندو هو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني کان اوچا ۽ بلند آهن. ([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                   صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!اهي ته جسمِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا معجزا هئا اچو هاڻي!پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چند مبارڪ عضون جا معجزا ٻڌون ٿا:    

(3) قوّتِ سماعت جا معجزا

اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڪن مبارڪ نهايت حسين، خوبصورت ۽ ڪامل هئا. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڪن مبارڪ نهايت گورا ۽ اڇا هئا. ۽ مبارڪ وار نهايت ڪارا هئا.  جڏهن مبارڪ وار مبارڪ ڪنن کي پنهنجي گهيري ۾ وٺندا هئا ته نهايت پيارو منظر هوندو هو، مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ اُمُّ المؤمِنين حضرتِ سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا ان خوبصورت منظر کي بيان ڪندي فرمائن ٿيون: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ وارن جي وچ ۾ اڇا اڇا ڪن ائين لڳندا هئا جيئن رات جي اونداهي ۾ 2 تارا چمڪي رهيا هجن. ([2])

ہے کلامِ اِلٰہی میں شمس و ضُحے، ترے چہرۂ نُور فزا کی قسم

قسمِ شبِ تار میں راز یہ تھا کہ حبیب کی زُلْفِ دوتا کی قسم([3])

وضاحت: اي منهنجا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ وَالضُّحٰی فرمائي اوهان جي مبارڪ چهري جو قسم ياد فرمايو ۽ وَالَّیْلِ اِذَا سَجٰى فرمائي اوهان جي مبارڪ زلفن جو قسم ياد فرمايو.


 

 



[1]...شرح الزرقانی،مقصدالثالث ،فصل الاول فی کمال خلقتہ و جمال صورتہ ،جلد:5 ،صفحہ:485۔

[2]...دلائل النبوۃ للبیہقی،حدیث ہند بن ابی ہالۃ فی صفۃ رسول اللہ ،جلد:1 ،صفحہ:300۔

[3]... حدائق بخشش،صفحہ:80 ۔