Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪيو ۽ تجويد سان گڏ قرآن ڪريم پڙھڻ سکو۔

الٰہی خوب دے شوق قرآں کی تلاوت کا              شَرَف دے گنبدِ خضرا کے سائے میں شہادت

مدني مذاڪري ۽ مدني قافلي جي ترغيب

اي عاشقانِ رسول!دل ۾ عشق رسول وڌائڻ، نيڪ بڻجڻ ۽ ايمان جي حفاظت جو ذھن ماڻڻ لاءِ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ دعوت اسلامي جي ديني ڪمن ۾ اڳڀرو ٿي حصو وٺو!اِن شآءَ اللهُ الڪريم!نيڪيون ڪرڻ ۽ گناھن کان بچڻ جو ذھن بڻبو۔

اَلحمدُلِله!شيخِ طريقت، اميرِ اھلِ سنّت حضرت علامه مولانا ابو محمد بلال محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ھر ھفتي نماز عشاء کان پوءِ مدني چينل تي براه راست (Live)مدني مذاڪرو فرمائيندا آھن، جنھن ۾ بيشمار عاشقانِ رسول عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه (ڪراچي) ۾ حاضر ٿي ڪري عِلمِ دين جون برڪتون حاصل ڪندا آھن۔ ھزارين عاشقانِ رسول پنھنجي شھرن/علائقن ۾ اجتماعي طور تي مدني مذاڪرو ڏسڻ جو اھتمام ڪندا آھن ۽ مدني چينل، سوشل ميڊيا (مثلاً يوٽيوب، فيس بڪ وغيره) جي ذريعي ته نه ڄاڻ دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي مدني مذاڪرو ڏٺو ويندو آھي۔ توھان به پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪندا ڪيو!اِن شآءَ اللهُ الڪريم!علم دين سکڻ لاءِ ملندو ۽ دين و دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون۔

اڄوڪي دور ۾ نيڪ نمازي بڻجڻ، سنتون سکڻ ۽ دين جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ دعوت اسلامي وارن عاشقان رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ به انتھائي مفيد آھي۔ الحمدُلله!3ڏينھن، 12 ڏينھن ۽ 12 مھينن جا مدني قافلا وقت به وقت  سفر ڪندا رھندا آھن۔ توھان به مدني قافلن جا مسافر بڻجو!اِن شآءَ اللهُ الڪريم!اَخلاق سڌرندا، نيڪين جو رجحان وڌندو، عشقِ