Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

وارا ڏسڻ ۾ ايندا هئا.

تِرا قَد تو نادرِ دَہر ہے کوئی مِثْل ہو تو مِثال دے

نہیں گُل کے پودوں میں ڈالیاں کہ چمن میں سَروِ چَماں نہیں([1])

وضاحت: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوهان جو قد مبارڪ سڄي زماني ۾ هڪ عجيب تحفو آهي هن جو ڪو مَٽ هجي ته مثال ڏنو وڃي ، چمن ۾ گلاب جي ٻوٽن جون سڌيون ٽاريون هجن يا سَرو[2] جو قد آور وڻ هجي اهو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ناز ۽ انداز سان هلڻ واري خوبصورت قد جي مثال نٿو بڻجي سگهي.

معنوي رِفۡعَت حسّي طور تي ڏسڻ ۾ ايندي هئي

اي عاشقانِ رسول!علامه زُرۡقاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن مقام تي هڪ ٻئي ڏاڍي ڪمال جي ڳالهه لکي آهي، ڏسو!اسان پنهنجي ظاهري اکين سان ڪنهن جي ظاهري جسم کي ته ڏسي سگهون ٿا پر ان جي صلاحيتن کي اک سان نٿا ڏسي سگهون.  مثال طور هڪ شخص آهي: زيد اسان ان جي 5 يا 6 فٽ جي جسامت ته ڏسي سگهون ٿا پر زيد حافظِ قرآن به آهي، اسان ان جي حفظ کي نٿا ڏسي سگهون، زيد عالمِ دين به آهي، اسان ان جي عالم هجڻ کي نٿا ڏسي سگهون، زيد ڪنهن فن ۾ ماهر آهي، اسان ان جي مهارت کي نٿا ڏسي سگهون.

پر قربان وڃجي!رب ڪائنات جي قدرت جي به ڇا ته نرالي شان آهي، علامه زُرۡقاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ هوندا هئا ته قد مبارڪ اوچو ڏسڻ ۾ ايندو هو، هن جو اهو مطلب ناهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قد مبارڪ ان وقت ڊگهو ٿي ويندو هو، بعد ۾ وري پنهنجي اصلي حالت تي موٽي ايندو هو نه، نه...!! ائين نه هو بلڪ الله پاڪ پنهنجي محبوب کي جيڪا معنوي رِفعت ۽ بلندي عطا فرمائي، اوصاف ۽ ڪمالات جي جيڪا رِفعت، بلندي ۽ اوچائي آهي، اها ئي معنوي بلندي ڏسڻ وارن کي ظاهري


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:109۔

[2]  هڪ مشهور جابلو وڻ(جيڪو سڌو ۽ اوچو مٿي وڃي)