Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

رسول جي دولت نصيب ٿيندي ۽ زندگي ۾ انقلاب برپا ٿي ويندو۔اچو!ترغيب جي لاءِ مدني بھار ٻڌون ٿا:

دل جي حالت تبديل ٿي وئي

فيصل آباد (پنجاب پاڪستان ) جي هڪ اسلامي ڀاء جي بيان جو نچوڙ آھي۔ دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پھريان مان خراب ڪردار جو مالڪ هيس ڪوڙ غيبت چغلي بري نظر جھڙا گناھ منهنجي روزانو جو حصو هئا مارشل آرٽ سکيل هيس جنهن سبب ماڻھن کان خواه مخواه جگھڙا ڪندو ھيس ھر نئون فيشن (Fashion) اپنائڻ منهنجو شوق ھيو آھ!نمازن کان ايتري قدر پري هيس جو مونکي ھي به معلوم نه ھو ته ڪھڙي نماز جون ڪيتريون رڪعتون آھن۔ آخر رحمت جو دروازو کليو ۽ منهنجي قسمت ائين چمڪي جو دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان لاڳاپيل ھڪ اسلامي ڀاء مون کي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني ۔ دوست جي ڳالھ ٽاري نه سگھيس ۽ ٽي ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر ٿي ويس مدني قافلي ۾ عاشقان رسول جي صحبت جي برڪت سان مون کي زندگي جو مقصد معلوم ٿيو پنهنجي گناھن تي شرمندگي ٿي منهنجي اکين کان غفلت جو پردو ھٽيو۔ دل جي حالت تبديل ٿي؛ مون گناھن کان توبه ڪئي ۽ دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ زندگي گذارڻ لڳس۔

دل کی کالک دُھلے مرضِ عصیاں ٹَلے                 آؤ سب چل پڑیں قافلے میں چلو

کر سفر آئیں گے، تو سُدھر جائیں گے                  اب نہ سستی کریں، قافلے میں چلو([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                  صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

مختلف ايپلي ڪيشن جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو!الحمد لله!دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:669-672۔