Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

وڃي * ميلاد جي جلوس ۾ نظم و ضبط (Discipline) جو ڀرپور مظاھرو ڪيو!* ميلاد جي جلوس ۾ نعتون ۽ نعرا اھي ئي ھلايا وڃن جيڪي پاڪستان مشاورت آفيس مان جاري ڪيا وڃن * ميلاد جي جلوس ۾ ھر uc/ واڊ/ ٽائون جا نگران پنھنجا بينر الڳ سان ٺھرائن جنھن تي پنھنجي  uc/وارڊ /ٽائون جو نالو لکيل ھجي، مثلا(اقبال ٽائون، دولت پور شھر) * 12 ربيعُ الاوّل جي ڏينھن ظھر کان پوءِ عصر تائين ميلاد جي جلوس ۾ تمام ذميدارَ ۽ تمام شعبن وارا مرحبا يا مصطفيٰ جون صدائون لڳائيندا شروع کان آخر تائين شرڪت ڪن * شعبي جا ٻه اسلامي ڀائر پنھنجي شعبي جا بينر کڻي اڳيان اڳيان ھلندا رھن۔ ان شعبي جا ٻيا اسلامي ڀائر انھن جي پويان پويان ڪنڌ کي جھڪائي، مدني پرچم کڻي، لبن تي نعتن جا نغما سجائيندي نھايت ئي پر وقار انداز سان شرڪت ڪن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                  صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

نماز پڙھڻ جا فائده ۽ نه پڙھڻ جا نقصان

پيارا اسلامي ڀائرو!الحمد لله!اسان جشن ولادت ملهائڻ وارا به آھيون ۽ نمازي به آھيون۔ نماز اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اکين جي ٿڌاڻ آھي ان جي ڪري نمازن جي گهڻي مان گهڻي پابندي ڪيو. بالخصوص سڀاڻي ميلاد شريف جي مصروفيتن ۾ به نمازن جي وقتن جو خاص لحاظ ڪيو۔ ايئن نه ٿئي جو ميلاد جون خوشيون ملهائڻ وارا  (معاذ الله!) نمازون قضاء ڪري ويھي رھن؛ * نماز سڀ کان پھريون فرض آھي۔ * نماز انڌيري قبر جو ڏيئو آھي * نماز قبر جي عذاب کان بچائي ٿي * نماز قيامت جي اُس ۾ ڇانوَ آھي * نماز پلصراط جي لاءِ آساني آھي * نماز جهنم جي عذاب کان بچائي ٿي * نماز سان رحمت نازل ٿيندي آھي * نماز سان گناھ معاف ٿيندا آھن * نماز دعائن جي قبوليت جو سبب آھي * نماز بيمارين کان بچائي ٿي * نماز سان بدن کي سڪون ملندو آھي * نماز سان روزي ۾