Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

جڏهن به ڪنهن ڳوٺاڻي ماڻهو کي ڏسندا هئا يا ڪنهن اهڙي سان ملندا هئا جنهن رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نه ڪئي هوندي هئي ته فرمائيندا هئا: ڇا مان اوهان کي رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اوصاف ۽ ڪمال بيان نه ڪيان...؟ پوءِ پاڻ رسولِ رحمت، شفيع امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پورو حليو مبارڪ بيان فرمائيندا هئا. ([1])

ہر آنکھ دیکھتی ہے تیرے ہی رُخ کا جلوہ                                            ہر کان سُن رہا ہے پیارے کلام تیرا([2])

ذڪرِ ڪمالاتِ مصطفٰي جا ڪجهه فائدا

سبحٰن الله!سبحٰن الله!ڇا شان آهي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جو...!! ڪنهن کي نماز سيکارڻ،  وضو جو طريقو سيکارڻ، روزي ۽ زڪوات جا مسئلا وغيره ٻڌائڻ، انهن سڀني جي پنهنجي جاءِ تي تمام وڏي اهميت آهي، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ماڻهن کي اهي شيون به سيکاريندا هئا پر پهرين نمبر تي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اوصاف ۽ ڪمالات ٻڌائيندا هئا ان ڪري جو ڪمالاتِ مصطفٰي بيان ڪرڻ، ٻڌڻ سان دل ۾ محبت وڌندي آهي، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان دلي رشتو مضبوط ٿيندو آهي ۽ اهو رشتو جيترو گهڻو مضبوط هجي، اوترو ئي ايمان مضبوط ٿيندو آهي ۽ ايمان جيترو مضبوط هوندو، اوتري ئي نيڪين ۾ دل لڳندي آهي ۽ انسان جنت جي رستي تي هلي پوندو آهي.

مُحَمَّد کی محبّت دِینِ حق کی شرطِ اَوَّل ہے          اسی میں ہو اگر خامی تو سب کچھ نامکمل ہے

علّامه محمد بن حُسين آجُرّي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ پنهنجي محموب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي دنيا ۽ آخرت ۾ جيڪي اوصاف ۽ ڪمال ۽


 

 



[1]...طبقات الکبریٰ،ذکر صفۃ خلق رسول  اللہ ،جلد:1 ،صفحہ:318۔

[2]... قبالۂ بخشش،صفحہ:23۔