Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

تیری نسلِ پاک میں ہے بچہ بچہ نور کا                                                                    تو ہے عینِ نور تیرا سب گھرانا نور کا

جو گدا دیکھو لیے جاتا ہے توڑا نور کا                                                                            نور کی سرکار ہے کیا اس میں توڑا نور کا

میں گدا تو بادشاہ بھر دے پیالہ نور کا                                                                          نور دن دُونا تِرا دے ڈال صدقہ نور کا([1])

جسمِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي لطافت

اي عاشقانِ رسول!جسمِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ لطيف  ته هو، اهو پنهنجي جاءِ تي معجزو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته جسمِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيتري قدر لطيف هو؟ اها به ڏاڍي نرالي ڳالهه آهي. اسان جو هي جيڪو جسم آهي، اهو ڪَثِيف آهي ۽ اسان جو روح لطيف آهي روح تي جيتري قدر گناهن جي مِير چڙهندي ويندي، روح جي لطافت گهٽ ٿيندي ويندي آهي ۽ انسان جيتري قدر نيڪ ڪم ڪري، روح جي تازگي اوتري ئي وڌندي ويندي آهي. شيرِ ربّاني حضرت ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: دنيا ۾ سڀ کان وڏو ڪامل ولي غوث هوندو آهي ۽ ان غوث جو روح جيتري قدر لطيف هوندو آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جسم مبارڪ ان غوث جي روح کان 70 درجا وڌيڪ لطيف آهي. ([2])   

سبحٰن الله!هڪ طرف روح آهي، روح پاڻ ئي لطيف آهي، وري غوثيت واري درجي جي تازگي، سالن جا سال ڏينهن رات جي عبادت ۽ رياضت سان روح کي اڃا وڌيڪ تازگي ملندي وئي، ايستائين جو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ لطيف روح وقت جي غوث جو هوندو آهي ته هڪ طرف هي ايتري قدر اعلٰي ۽ بلند رتبي وارو روح آهي، ٻئي طرف روح نه بلڪ جسمِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي، ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: غوث جو روح جيتري قدر لطيف هوندو آهي،  رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جسم پاڪ غوث جي روح


 

 



[1]...حدائق بخشش، صفحہ:244-246 ملتقطاً۔

[2]...البرہان ،صفحہ:14 بتغیرقلیل  ۔